بالي ووڊ وارا مون کان ڊنل آهن: رنديپ هودا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي وراسٽائيل اداڪار رنديپ هودا هندي سئنما کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته بالي ووڊ هن مان خطرو محسوس ڪري ٿو.
رنديپ هودا نه رڳو هندي سئنما ۾ پنهنجي بهترين اداڪاري جي ڪري ڄاتو وڃي ٿو، پر هن هالي ووڊ ۾ به پاڻ مڃايو آهي.
جو ۽ انٿوني روسو جي فلم ايڪسٽريڪشن ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ رنديپ کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو، پر ويجهڙ ۾ ڏنل هڪ انٽرويو دوران هن چيو ته انهيءَ فلم ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ باوجود به بالي ووڊ مان کيس اُها موٽ نه ملي.
رنديپ جو چوڻ هو ” جڏهن مان ايڪسٽريڪشن ۾ ڪم ڪيو ته عام ماڻهن منهنجي اداڪاري کي تمام گهڻو ساراهيو، خاص طور تي ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ تيلگو فلمن جي هدايتڪارن ۽ ايڪشن ڊائريڪٽرن مون کان پڇيو ته اسان اهو ايڪشن ڪيئن ڪيو؟ انهن جي اکين ۾ عزت هئي، پر بالي ووڊ ۾ ۾ سندس ذڪر ئي نه ٿيو.“
هن وڌيڪ چيو”هالي ووڊ جي ڪا به ننڍڙي فلم هجي، جنهن ۾ ڪنهن جو معمولي ڪردار به هوندو ته مهم هلائي ويندي آهي، ماڻهو واڌايون ڏيندا آهن، پر مون سان اهڙو ڪجهه ڪين ٿيو. “
رنديپ هودا اعتراف ڪندي چيو ته ” منهنجي پي آر ڪمزور آهي، مون کي لڳي ٿو ته ڪي ماڻهو مون مان خطرو محسوس ڪن ٿا.“
سندس چوڻ هو ته هن کي هندي سئنما ۾ ڪڏهن به ڪنهن ڪردار تي ڪو انعام مليو نه ئي ساراهيو ويو ۽ هاڻي ان جي ضرورت به نه آهي.
هن جو چوڻ هو ” مان پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪري رهيو آهيان، ڪنهن سان مقابلو ناهي، ۽ پنهنجي سٺي ڪم کي پاڻ ساراهيان ٿو. “

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.