لاهور (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي وومينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز لاءِ پاڪستان ۾ موجود اسڪاٽلينڊ وومين ڪرڪيٽ ٽيم ۾ پاڪستان جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر، مئنيجر ۽ سليڪٽر ڪرنل رٽائرڊ نوشاد جي ڏوهٽي مريم فيصل پڻ شامل آهي.
اسڪاٽ لينڊ جي اسڪواڊ ۾ شامل 19 ورهين جي مريم فيصل هڪ ون ڊي ۽ ڇهه ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏي چڪي آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم فيصل ٻڌايو ته پنهنجي ناني جي ڪري هن ۽ سندس جاڙي ڀاءَ ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪئي.
سندس چوڻ هو ته هوءَ ناني کي پيار مان بابا چوندي هئي، جنهن کي ڏاڍو اتساهيو ۽ سپورٽ ڪيو.
مريم فيصل جو چوڻ هو ته شروع ۾ مون کي ڪرڪيٽ ٺپهه نه وڻندي هئي. بابا دبئي ۾ سريلنڪا خلاف سيريز ۾ پاڪستان جو مئنيجر هو، اسان ميچ ڏسڻ ويا هئاسين ۽ اتان کان ڪرڪيٽ کيڏڻ جو شوق ٿيو.
مريم فيصل موجب، هوءَ انڊر 19 ۾ ناڪام ٿي وئي هئي، بابا کيس اتساهيو، وري نئين سيزن ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، بابا مون تي ۽ ڀاءُ تي ڪڏهن به ڪرڪيٽ کيڏڻ جو زور نه رکيو، سندس خواهش هئي ته اسان رڳو ڪا نه ڪا راند کيڏون.
هن چيو ته پاڪستان ۾ اچي کيڏڻ سٺو لڳي رهيو آهي، هڪ مختلف احساس آهي، ڇو ته جنهن ملڪ ۾ توهان جو جڙون هونديون آهن اتي کيڏڻ هڪ خواب هوندوآهي، منهنجو خواب پورو ٿي رهيو آهي.
You might also like