”ڪئنالن تي پ پ صوبائي حڪومتون ڇڏي سگهي ٿي“

لاهور(م ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ حسن مرتضیٰ چيو آهي ته ڪئنالن جي مسئلي تي جيڪڏهن پيپلز پارٽي کي سنڌ ۽ بلوچستان جون حڪومتون قربان ڪرڻيون پون ته ڪري ڇڏڻ گهرجن. پاڻي رڳو سنڌ ۽ پنجاب جو مسئلو ناهي، اهو پوري پاڪستان جو مسئلو آهي. نوان ڪئنال ٺاهڻ سان ملڪ ۽ وفاق ڪمزور ٿيندو. مغلپوره ۾ هڪ تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حسن مرتضیٰ چيو ته سنڌ کان وڌيڪ پاڻي جو مسئلو پنجاب کي آهي. اسان کي اڳ ئي ارسا کان 20 سيڪڙو گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي. هي پهريون نه پر چوٿون فصل آهي، جنهن ۾ پنجاب حڪومت آبادگار کان روزي کسي رهي آهي. هن سوال اٿاريو تهِ نين نهرن ۾ پاڻي ڪٿان ايندو؟ هن وڌيڪ چيو ته ڳوٺن ۾ جيڪڏهن 5 منٽن لاءِ پاڻي جي سطح مٿي يا هيٺ ٿئي ٿي ته اتي قتل ۽ طلاقون ٿي وڃن ٿيون. پ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن واضح ڪيو آهي ته  چئني ڀائرن جي پاڻي جو فيصلو ڪو هڪ ماڻهو نٿو ڪري سگهي، ڀلي هڪ ڀاءُ وٽ ٽينڪ هجي يا جهاز، اهو اهڙو فيصلو نٿو ڪري سگهي. لاهور ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اعتزاز احسن چيو ته حڪومت همت ڪري ٻڌائي ته پنجاب جي ڪهڙن ضلعن مان پاڻي چولستان ڪينال ۾ ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.