مٽياري( رپورٽ:ضمير خاصخيلي)پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کھڙو حسيني ھائوس مٽياري پھچي پي پي اڳواڻ سيدجاني شاھ حسيني ۽ سيد مصطفا شاھ حسيني جي مانجھاندي ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي هن چيو ته ته پيپلزپارٽي جو پھرين ڏينھن کان واضح ۽ چٽو موقف آھي ته سنڌو تي ڪوبه ڪئنال قبول ناھي باقي ڪجهھ جھاٽڙين ماڻھن جي ڪوشش ۽ خواھش آھي ته پيپلزپارٽي حڪومت کان ڌار ٿئي حڪومت گھر ڀيڙي ٿئي نگران حڪومت اچي ۽ انھن کي ان ۾ ڪجھ حصو ملي پر پيپلزپارٽي سمجھي ٿي ته سنڌ جي حقن جي ڳالھ اسيمبلي ۾ ويھي وڌيڪ مضبوطي سان ڪري سگھجي ٿي ھڪ سوال جي جواب ۾ نثار کھڙي جو چوڻ ھو ته ڪئنال منصوبن جي منظوري به شھباز شريف ۽ مريم نواز ڏني آھي ان موقعي تي پيپلزپارٽي ضلع مٽياري جو صدر پير امير علي شاھ ھاشمي،سيد فضيل حبيب شاھ،شازيه عطا چانگ، رابعا ملاح ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ موجود ھئا