سنڌوءَ لاءِ جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪنداسين: سرور جتوئي/ثمر جتوئي

حيدرآباد(رپورٽر) نيشنل پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر مسرور احمد جتوئي ۽ سنڌھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي ملاقات بعد حيدرآباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌو درياهه جي بچاء ۽ 6 تڪراري ڪينالن خلاف ھلندڙ احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪرڻو پوندو. سنڌ ۾ ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ سمنڊ ڏانھن پاڻي ڇڏيو وڃي ته جيئن انڊس ڊيلٽا جو بچاء ٿي سگھي. موجوده صورتحال ۾ سنڌ جا سامونڊي علائقا پاڻي جي سخت کوٽ سبب انسان پکي جانور سخت پريشاني واري صورتحال کي منھن ڏئي رھيا آھن. ٻنھي اڳواڻن وچ ۾ حيدرآباد ۾ باباء سنڌ هائوس تي ملاقات ٿي. ملاقات بعد پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته سنڌ جي موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن،سنڌو درياهه تي غير قانوني ڪينال، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ پيڪا ايڪٽ سميت ٻين منصوبن کي رد ڪيون ٿا ۽ اسان گڏيل جدوجهد جي لاءِ ويچاريو آهي. ھنن چيو ته سنڌ اندر موجوده زرداري سرڪار گذريل 15 سالن کان بک, بدحالي ۽ بدامني ڏني آهي،خوشحال سنڌ جي ماڻهن کي پنڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. سنڌو درياهه تي ڪينال ٺاهڻ ست ڪروڙ سنڌين جي نسل ڪشي ڪرڻ برابر آهي،هنن چيو ته سنڌ جي زراعت کي مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو آهي.فصلن جا اگهه ناهن, سنڌ ۾ ڪڻڪ جو فصل مارڪيٽ ۾ اچي ويو پر وڏي افسوس جي ڳالھه آھي ته ڪڻڪ جو اگھه حڪومت مقرر نه ڪيو،سنڌ جي عوام سان ھر پاسي کان ظلم ٿي رھيو آھي. اسان سنڌ جي پاڻي کان وٺي سمورن مسئلن خلاف احتجاجي تحريڪ ھلائي رھيا آھيون. سنڌ جي عوام سراپا احتجاج بڻيل آھي. اسان ھر صورت ۾ سنڌ جا حق وٺڻ چاهيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.