نوشهرا ۾ ايڪسائز کاتي جي موبائل اسڪواڊ تي فائرنگ، ٻن اهلڪارن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

نوشهرا (ويب ڊيسڪ) نوشهرا جي علائقي پبي ۾ ايڪسائز کاتي جي موبائل اسڪواڊ تي فائرنگ سان ٻن اهلڪارن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا.
ايڪسائز کاتي موجب رات 2 وڳي ايڪسائز اهلڪارن شڪي گاڏي کي بيهڻ جو اشارو ڏنو، گاڏي نه بيهڻ تي پيڇو ڪيو ويو، جنهن دوران حملي آورن فائرنگ ڪري ڏني.
ايڪسائز کاتي ٻڌايو ته فائرنگ ۾ ڪانسٽيبل افتخار ۽ ڪانسٽيبل مجاهد سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ زخمي سب انسپيڪٽر فاروق جو ذاتي ڊرائيور به شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.