ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ مليريا جي ڪيسن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿيڻ لڳي.
صحت کاتي موجب پهرين جنوري کان 11 اپريل تائين سنڌ ۾ مليريا جا 16 هزار 733 ڪيس رپورٽ ٿيا.
انگن اکرن موجب ڪراچي ۾ 186، حيدرآباد ڊويزن ۾ 6 هزار 596، سکر ڊويزن ۾ هڪ هزار 549، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 5 هزار 136، ميرپورخاص ڊويزن ۾ هڪ هزار 282 ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ هڪ هزار 984 ڪيس رپورٽ ٿيا.
You might also like