مڃون ٿا ته صحافت ڪنڊن جي سيج هوندي آهي پو۽ به ان جي پرواھه نه ڪندي اسان ھلڻ جي لا۽ تيار آھيون توهان کي خبر آهي ته جيڪڏھن ملڪ قوم جو آواز يا انصاف آھي ته اھا صحافت رھي آھي
اوهان سمورن کي خبر آهي ته سموري ملڪ ۾ سچ چوندڙ سچ لکندڙن صحافين کي شھيد ڪيو ويو آهي،ماريو مارايو ويندو آھي جنهن جو پھريون مثال منير سانگي لاڙڪاڻي ۾ ماريو ويو ٻيو خيرپور جي تعلقي اردو چينل جي رپورٽر اي ڊي شر کي دوست هٿان دوست کي بيگناھه قتل ڪيو ويو آهي.
اهڙي طرح ڪجهه وقت اڳ پيرجو ڳوٺ جي ڀرسان ڳوٺ امير بخش کنڊ ۾ سينئر صحافي سوڀ جي اخبار جي رپورٽر اصغر کنڊ کي به 4 گولين جو کاڄ بڻائي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو.
ڪجهه عرصو اڳ ميرپور ماٿيلو ڀرسان "ڀوتار ماءِ فٽ” جو نعرو هڻندڙ شهيد صحافي صحافي نصر الله گڏاڻي کي ڀوتارن کي للڪارڻ تان بيدرديءَ سان شهيد ڪيو ويو سندس نعرو ”ڀوتار ماءِ فوٽ“ اڄ به ٻچي ٻچي جي زبان تي آهي جڏهن ته جان محمد مھر کي به بيگناھه شھيد ڪيو ويو اھڙي طرح ڪافي صحافي شھادت جو جام ملي ٿو، اسان جي معاشري ۾ سچا صحافي اھو پيغام ڏئي ويا ته ھن معاشري ۾ ظالم جي اڳيان جھڪڻو ناهي
ڪئترن ئي صحافين کي بيدرديءَ سان قتل ڪندڙ جوابدار قانوني جي گهيري کان ٻاهر ۽ آزاد آهن جڏهن ته شهيدن جي وارثن ۾ مايوسي ۽ سخت بيچيني واري لهر ڇانيل آهي جيڪي انصاف جا منتظر بڻيل آهن.
مير اوشاق علي ميراڻي ڄاموٽ