سنڌ صوفي ازم ۽ سيڪيولرزم جي سڃاڻپ رکندڙ سرزمين آهي، جتي امن، محبت ۽ اهنسا جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي.هتي جڏهن به ظلم وڌي ويندو آهي ته هتان جي بهادر عورتن به مردن سان گڏ جدوجهد ۾ پنهنجو حصو ملائي سوڀ ماڻي آهي. سنڌ جي تاريخ عورتن جي جدوجهد کان خالي ناهي. جيڪڏهن انفرادي مثال ڏسون ته مائي بختاور جو نالو ذهن ۾ اچي ٿو، جنھن ناانصافيءَ خلاف بيهي سر ڏنو.
هارين جي تحريڪ جي دوران، جڏهن قانون تحت پوک مان اڌ فصل حڪومت ۽ اڌ هاري جي ملڪيت هوندو هو، تڏهن حڪومتي ڪارندا بندوقن جي زور تي اڌ کان وڌيڪ حصو کڻي ويندا هئا. هڪ ڏينهن، جڏهن هاري ڪميٽي جي ميٽنگ ٿي رهي هئي ۽ گهرن ۾ رڳو عورتون هيون، تڏهن حڪومتي اهلڪار آيا ته جيئن زور زبردستي سان اناج ڦري وڃن. ان وقت مائي بختاور صاف انڪار ڪيو، جڏهن ته هوءَ ڄاڻي پئي ته انهن وٽ طاقت آهي. سندس مزاحمت سبب کيس گولين جو نشانو بڻايو ويو. اڄ به عورتون کيس ياد ڪن ٿيون ۽ ڀيٽا پيش ڪن ٿيون.اجتماعي جدوجهد ۾ به عورتن جو ڪردار نمايان رهيو آهي، جيئن "سنڌياڻي تحريڪ” ۽ "عورت مارچ” جهڙيون تحريڪون، جن عورتن جي آواز کي اجاگر ڪيو.
تنهن هوندي به، سنڌ جهڙي سرزمين ۾ اڄ به صنفي اڻ برابري انتها تي آهي، جتي مرد جي ڪاوڙ عورت جي قتل تائين وڃي ٿي. اها پدرشاهيءَ جي ڀيانڪ شڪل آهي، جنهن کي عورتن هميشه وائکو ڪيو آهي، پر سماج ۾ موجود مرد ٿوري همدردي ڏيکاري، ان واقعي کي وساري ڇڏين ٿا. روبينا سيهگل پنهنجي ڪتاب "عورت اور مزاحمت” ۾ لکيو آهي ته عورت هميشه مزاحمت ڪري ٿي، پر تاريخ لکڻ وارا مرد هجڻ سبب عورت جي مزاحمت کي اهميت نه ڏني وئي آهي.
اهو پڻ ياد رکڻ گهرجي ته صرف سمورن مردن کي الزام ڏيڻ صحيح ناهي، ڇاڪاڻ ته هيٺين طبقي جا مرد به اهڙي ئي استحصال جو شڪار رهيا آهن. تاريخ ۾ بادشاهن ۽ اميرن پنهنجن ڪارنامن کي اجاگر ڪيو، جڏهن ته عام ماڻهو وساريا ويا. پدرشاهي سوچ جو مطلب صرف عورتن کي گهر ۾ قيد رکڻ ناهي، بلڪه اها سوچ به پدرشاهي آهي، جتي مرد چون ٿا ته "اسان ته عورتن کي آزادي ڏني آهي، پر معاشرو خراب آهي، تنهنڪري ٻاهر وڃڻ جي اجازت نٿا ڏيئي سگهون.” اهڙي سوچ به عورت کي ذاتي ملڪيت سمجھڻ واري سوچ آهي، جيڪا سرمائيدار نظام سان ڳنڍيل آهي. عورت ڪوئي شئي يا ملڪيت ناهي، پر هڪ مڪمل انسان آهي، جنهن کي ساڳيا حق حاصل آهن جيڪي مردن کي آهن.
پدرشاهيءَ جو واضح مثال صدف حاصلو جو قتل آهي، جنهن رڳو شاديءَ کان انڪار ڪرڻ تي پنهنجن ئي هٿان مارجي وئي. سندس قتل سماج جي اندر موجود بي حسي ۽ صنفي ظلم جي نشاندهي ڪري ٿو. قرت العين، وزيران ڇڇر ۽ ٻين ڪيترين نياڻين سان ٿيل ظلمن جا مثال پڻ موجود آهن. ان ڪري هاڻ ضروري ٿي پيو آهي ته پدرشاهي ۽ ناري واد کي صحيح نموني سمجهي، پدرشاھي خلاف جدوجهد ڪئي وڃي. پدرشاھي ۽ عورت دشمني ۾ ھڪ سَنھي لڪير آھي. مونکي حيرت آهي ته سنڌي مردن لاءِ ٻيا مسئلا وڌيڪ اهم آهن، پر عورتن جو قتل ڪو مسئلو ئي ناهي. عورت انسان آهي، جنهن کي پنهنجن فيصلا ڪرڻ جو مڪمل حق حاصل آهي. آزادي عورت کي مرد نٿا ڏين، هوءَ پاڻ جنم وٺندي ئي آزاديءَ سان پيدا ٿيندي آهي. عورت، مرد ۽ ٽرانسجينڊر، سڀ هن سماج جا برابر حصيدار آهن، جن کي سندن وجود جو بنيادي حق ڏنو وڃي.
پدرشاهي سماج ۾ مرد به پيڙهجي پيو آهي. هن تي سڄي گهر جي ذميواري جو بار وڌو ويندو آهي، جڏهن ته عورت کي "شادي ڪرائي ٻئي گهر موڪلڻ” سماجي فرض سمجهيو ويندو آهي. اها ئي سوچ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. عورت پڙهي، ڪم ڪري، ۽ پنهنجي زندگي جا فيصلا پاڻ ڪري سگهي ٿي. اھو فيصلو ڪرڻ جو به عورت کي اختيار آھي ته ھُو شادي ڪري به يا نه ڪري. اها سندس انساني حيثيت جي سڃاڻپ آهي، جيڪا ڪو پيءُ، ڀاءُ يا مڙس کسي نٿو سگهي.قمبر جي ماسترياڻي صدف حاصلو پدرشاهيءَ جي ڀيانڪ چهري کي وائکو ڪرڻ جي علامت بڻجي وئي آهي. هر گهر ۾ صدف جهڙيون عورتون موجود آهن، جيڪي خوفن کي لتاڙي پنهنجو حق وٺڻ جون خواهشمند آهن. هوءَ انفرادي مزاحمت جي علامت آهي، جيڪا سماجي تبديليءَ جي سوال تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي. ڇا انقلاب صرف مرد آڻيندا؟ ڇا عورتن جي ڪابه جاءِ ناهي؟
پدرشاهي جي خاتمي لاءِ عملي اپاءُ وٺڻ ضروري آهي. مان سمجهان ٿي ته پدرشاهي جو مڪمل خاتمو هڪ وقت ۾ ممڪن ناهي، پر صنفي اڻبرابريءَ جو خاتمو ممڪن آهي. رياست کان اميد رکڻ فضول آهي، ڇو ته تاريخي طور تي رياست عورت دشمن فيصلا ڪندي رهي آهي. مارڪس جي چوڻ مطابق، رياست ظالم جو اوزار آهي. سماج جي تبديلي گهر کان شروع ٿئي ٿي. نياڻين جي ننڍپڻ کان ٿيندڙ تربيت تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ”Learn, Unlearn and Relearn“ جو اصول اپنائڻو پوندو.نياڻين کي خود اعتماديءَ سان ڀرپور تربيت ڏيڻ، ناري واد جا ڪتاب، فلمون ۽ ڊراما ڏيکاري سندن سوچ کي ڪشادو ڪرڻ لازمي آهي. هر مرد کي گهر جي عورتن جي شعور واري تربيت جي ذميواري قبول ڪرڻي پوندي. اها ڪا اين جي او جي “غربت ختم ڪرڻ” واري اسڪيمن وانگر نه آهي، ڇوته غربت جو معاملو معاشي آهي، جڏهن ته پدرشاهي نفسياتي ۽ سماجي ڍانچي سان لاڳاپيل آهي.ياد رکو، پدرشاهي سڄي دنيا ۾ موجود آهي. تازو هڪ رپورٽ موجب، 146 ملڪن مان پاڪستان 145 نمبر تي آهي صنفي اڻبرابريءَ جي حوالي سان، جيڪا انتهائي ڳڻتيءَ جهڙي صورتحال آهي. ۽ ساڳي وقت خبر آئي ته صدف حاصلو کي شاديءَ کان هڪ ڏينهن اڳ انڪار ڪرڻ تي قتل ڪيو ويو.
پدرشاهي سوچ تڏهن ئي تبديل ٿي سگهي ٿي، جڏهن هر فرد ان کي سمجهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ پنهنجو حصو ڏئي. ٻي صورت ۾ عورتن کي مردن خلاف بيزار ٿيڻ کان روڪي نٿو سگهجي. تصور ڪريو ته جيڪڏهن سماج مان عورت ختم ٿي وڃي ته ڪيترو بيڪار، ويران ۽ بي روح ٿيندو. هي سماج هڪ باغ وانگر آهي، جتي مرد، عورت ۽ ٽرانسجينڊر سڀ گلن جيان آهن، ۽ انهن سڀني جي برابري سان ئي خوبصورتي قائم رهي ٿي. اسان سڀني کي گڏجي ان سماج کي رهڻ لائق بڻائڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪرڻي پوندي.