تڪراري ڪئنالن وارو معاملو، وڏي وزير جي وفاقي حڪومت ڇڏڻ جي ڌمڪي

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي حڪومت کي واضع پيغام ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن وفاقي سرڪار ڪئنالن واري معاملي تي جهموري طريقي سان ڳالهه نه مڃي تي حڪومت ڇڏڻ ۾ هڪ منٽ جي به دير نه ڪنداسين.
ٺٽي ۾ هڪ تقريب دوران خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي حقن تي ڪنھن به قسم جي سوديبازي قبول ناهي، ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، اپوزيشن جي چوڻ تي بليڪ ميل نه ٿينداسين ۽ نه ئي انهن کي فري هينڊ ڏيڻ چاهيون ٿا.
وڏي وزير چيو ته خدشو ظاهر ڪندي چيوته سنڌ جو پاڻي ٻين صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي تياري ٿي رهي آهي، جيڪا ڪنهن به صورت قبول ناهي.
سندس چوڻ هو ته ڪو به سنڌ دشمن منصو‌بو برداشت نه ڪيو ويندو، پنج ئي درياهه اسان جا آهن ، ڪينال ٺاهڻ جي اجازت نه ڏينداسين، سنڌوءَ جي پاڻي تي پهريون حق ٺٽي ۽ سجاول جي عوام جو آهي.
وڏي وزير چيو ته ڪئنالن واري معاملي تي سازش ٿي رهي آهي، صدر به ڪئنالن واري رٿا جو مخالف آهي، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري 27 ڊسمبر تي واضح ڪري ڇڏيو هو جيڪڏهن ڪينال ٺهيا ته هو سان گڏ هوندو .
مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي عوام کي سهولتون ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ڪارڪنن سان رابطن جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي، جنهن جي شروعات ٺٽي کان ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته هر ضلعي ۾ وڃي ڪارڪنن کان تجويزون ورتيون وينديون ته جيئن عوامي اميدن پٽاندڙ بجيٽ تيار ڪري سگهجي.
مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ ويهي اسڪيمون نه ٺاهيون، تنهنڪري عملي طور ميدان ۾ نڪتا آهيون، جڏهن سڀ سُتا پيا هئا سان ڪم ڪري رهيا هئاسين.
خطاب دوران وڏي وزير سوال اُٿاريندي چيو ته ڇا ملڪ نيون چونڊون برادشت ڪري سگهي ٿو؟
هن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن وفاقي سرڪار ڪئنالن واري معاملي تي جهموري طريقي سان ڳالهه نه مڃي تي حڪومت ڇڏڻ ۾ هڪ منٽ جي به دير نه ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.