ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي سونهن راڻي ۽ بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا سُشميتا سين پاڪستاني اداڪار فواد خان جي ڀارتي فلمن ۾ واپسي جي حمايت ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، فواد خان نوَن سالن کانپوءِ فلمن ۾ واپسي وارين ڀارت ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي.
جتي انتهاپسندن فواد خان جي ڀارتي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي مخالفت ڪندي ڌمڪي جوڳو لهجو اختيار ڪيو آهي، اتي ڀارتي اداڪار فواد خان جي حمايت ۾ سامهون اچڻ لڳا آهن جنهن جي شروعات سني ديول ڪئي ۽ پوءِ اميشا پٽيل به فواد خان جي حمايت ڪئي آهي.
هاڻي سُشميتا سين فواد خان کي بالي ووڊ ۾ واپسي جي حمايت ڪندي چيو ته آرٽ ۽ راندين جي ڪا به سرحد نه هوندي آهي.
اداڪارا سُشميتا سين وڌيڪ چيو ته تخليقي ڪم آزاد ماحول ۾ بلندين کي ڇُهندو آهي، تنهنڪري راند ۽ لطيف فن تي ڪائي به پابندي نه مڙهڻ گهرجي.
سُشميتا سين وڌيڪ چيو ته فواد خان آرٽسٽ آهي تنهنڪري سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪنديس. جڏهن کائنس پڇيو ته ڇا هوءَ پاڪستاني فلمن ۾ ڪم ڪندي ته اداڪارا بنا هٻڪ جي چيو ته ”مان هر سٺي فلم ۾ ڪرڻ چاهينديس پوءِ اِها ڪهڙي به ملڪ ۾ ٺهي.“
ياد رهي ته فواد خان نوَن سالن کانپوءِ ڀارتي فلم ”عبير گلال“ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري رهيو آهي، ساڻس گڏ واني ڪپور مُک ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
You might also like