اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد سميت پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ ڇنڇر جي ڏينهن منجهند ڌاري زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا.
ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ٿيڻ تي خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.
موسميات کاتي جي زلزلو ماپ مرڪز موجب، زلزلي جي شدت 5 ڏهائي 5 رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته ان جو مرڪز راولپنڊي کان 60 ڪلوميٽر اتر اولهه هو ۽ اونهائي 12 ڪلوميٽر هئي.
اسلام آباد سميت پنجاب جي شهرن راولپنڊي، چڪوال، چنيوٽ، حسن ابدال، اٽڪ ۽ ميانوالي ۾ جڏهن ته خيبرپختونخوا جي سوات، بونير، لوئر دير، لڪي مروت، مالاڪنڊ، مهمند ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا.
زلزلي جا لوڏا منجهند 12 لڳي 31 منٽن تي محسوس ڪيا ويا، جيڪي ڪجهه سيڪنڊن تائين جاري رهيا.
پي ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل بيان موجب پنجاب جي سموري انتظاميا عمارتن جي جائزي ۾ رڌل آهي، جڏهن ته هن وقت تائين ڪنهن به علائقي مان ڪنهن جاني يا مالي نقصان جو ڪو به اطلاع ناهي مليو.
ڊي جي پي ڊي ايم اي موجب، زلزلي جي آفٽر شاڪ کان بچاءَ لاءِ مشينري ۽ عملي کي الرٽ ڪيو ويو آهي.
You might also like