ماهه رنگ بلوچ جي آزادي جا امڪان ختم ٿي ويا

لاهور(معظم فخر) بلوچستان هاءِ ڪورٽ پاران ماهه رنگ بلوچ جي آزادي بابت  فيصلو محفوظ ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران عدالت پاران اهو چيو ويو ته ماهرنگ بلوچ رياست سان وفاداري بابت پنهنجو حلف نامو جمع ڪرائي.جنهن تي ڪامران مرتضي جيڪو سندس وڪيل آهي پاران اهو حلف نامو جمع ڪرايو ويو پر ذريعن وٽان خبر پئي آهي ته ماهرنگ پاران اهڙي قسم جو حلف نامو جمع ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ويو هو. سندس وڪيل علي احمد ڪرد پاران به کيس مشورو ڏنو ويو هو ته اهڙي قسم جو حلف نامو جمع نه ڪرائي. منهنجي خيال ۾ هاڻي ماهرنگ بلوچ جي آزادي جو امڪان ختم ٿي ويو آهي جو سندس رياست سان وفاداري مشڪوڪٿي وئي آهي. ٻئي پاسي اختر مينگل پاران وي نيوز کي انٽرويو دوران نواز شريف مٿان تنقيد ڪئي وئي آهي ۽ هن چيو آهي ته نوازشريف وٽ بلوچستان کي ڏيڻ لاءِ ڇا آهي؟ مون اڳ ۾ به پروگرام ۾ انڪشاف ڪيا ته ماهرنگ بلوچ جو والد بي ايل اي جو اڳواڻ هو  سندس قبر تي به  قومي پرچم نه پر بي ايل اي جو جهنڊو رکيل آهي. اختر مينگل مطابق حڪومتون تبديل ٿيون پر رياست جي مائنڊ سيٽ ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي. بلوچستان کي هڪ ڪالوني طور هلايو پيو وڃي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 12 اپريل 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.