بلوچستان مسئلي جو حل فوجي نه پر سياسي آهي: جان محمد بليدي

لاهور (م ڊ) سينيٽر جان محمد بليدي بلوچستان تي سينيمار کي خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته بلوچستان جي جٽادار حل لاءِ سياسي ڳالهيون شروع ڪيون وڃن ۽ بلوچستان جي بحران جو اهڙو حل ڪڍيو وڃي جيڪو بلوچستان جي عوام کي قبول هجي. سيمينار کي مجيب الرحمان شامي، امياز عالم، غلام عباس، علي احمد ڍلون ۽ علامه صديق اظهر به خطاب ڪيو. سينيٽر جان محمد بليدي چيو ته بلوچستان جي آئيني قومپرست قوتن کي سياسي ميدان مان ڪڍي ڌانڌلي ذريعي جن ماڻهن کي لڳايو ويو آهي اهي بلوچ عوام جي نمائندگي نٿا ڪن. هن چيو ته جيڪو بحران جنرل مشرف شروع ڪيو هو اهو فوجيآپريشن سان حل ٿيڻ وارو ناهي پر رياستي تشدد نوجوانن کي عليحدگي پسندي ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. پاڪستان جي مدبر مجيب الرحمان شامي مسئلي جي سياسي حل تي زور ڏنو ۽ چيو ته طاقت سان سياسي مسئلي جو حل ناهي نڪرندو پر وڌيڪ پيچيده ٿي وڃي ٿو. هن جان بليدي جي سياسي حل لاءِ ڏنل تجويزن جي حمايت ڪئي. سينيئر صحافي امتياز عالم چيو ته بلوچستان جي مسئلي جا ٻه حل آهن، يا ته بلوچ عوام پنهنجا حق حاصل ڪري يا وري پنجاب جا ماڻهو بلوچستان ۾ جاري ظلم جي مخالفت ۾ روڊن تي نڪري اچن. امتياز عالم جو چوڻ هو ته بلوچستان جي مسئلي جو حل نه جمهوري نه وفاقي ۽ نه فوجي آهي. بلوچ عوام کي پنهنجي تقدير جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي نه ته گهرو ويڙهه ختم ٿيڻ واري ناهي. بلوچستان جي ڊيموگرافي اهڙي آهي جو گذريل 4 فوجي آپريشنن جي ناڪامي کانپوءِ پنجون ڊگهو آپريشن به ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ وکريل بلوچ آبادي جي هوندي عليحدگي پسند به ڪامياب نٿا ٿي سگهن. بلوچستان جي مسئلي جو واحد حل اهو آهي ته اتي نئين آبادين تي غلبو ۽ فوجي استحصال ختم ڪيو وڃي. سيمينار کي خطاب ڪندي علي احمد ڍلون مطالبو ڪيو ته مسنگ پرسن جو مسئلو حل ڪيو وڃي ۽ ماهه رنگ بلوچ سميت سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي سيمينار کي غلام عباس پڻ خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.