اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت مختلف ملڪن مان ڊي پورٽ ڪيلن جا پاسپورٽ رد بلاڪ ڪري ڇڏيا.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڊائريڪٽوريٽ آف اميگريشن اينڊ پاسپورٽ جو دورو ڪيو ۽ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن دوران کيس ٻڌايو ويو ته ڊي پورٽ ڪيل 53 هزار پاڪستانين جا پاسپورٽ بلاڪ ڪيا ويا آهن.
ان موقعي تي مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري، گهرو سيڪريٽري محمد خرم آغا، ڊي جي ايف آءِ اي رفعت مختار راجا ۽ ڊي جي پاسپورٽ مصطفيٰ جمال قاضي پڻ موجود هئا.
گهرو وزير محسن نقوي پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۽ نون شرطن لاءِ سموريون قانوني گهرجون جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
هن چيو ته نون شرطن ذريعي پينو فقيرن ۽ غيرقانوني اميگريشن جي روڪٿام ٿيندي ۽ ڊي پورٽ ڪيل پاڪستاني شهرين جا پاسپورٽ بلڪاڪ ڪرڻ جي هدايت تي سئو سيڪڙو عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.
You might also like