رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب وڌيڪ ڏهه هزار پاڪستانين کي حج جي اجازت ڏئي ڇڏي.
ان حوالي سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو سعودي سفارتخاني سان رابطو ٿيو آهي.
سڌ سماءُ واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب، پاڪستان طرفان حج پانڌيئڙن لاءِ ڪوٽا وڌائڻ جي خاص درخواست ڪئي جيڪا سعودي اختيارين قبول ڪندي پاڪستان لاءِ حج ڪوٽا ۾ واڌ جي منظوري ڏني.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته درخواست اهڙن شهرين لاءِ ڪئي وئي آهي جيڪي مقرر تاريخ تائين رجسٽريشن نه ڪرائي سگهيا هئا.
سڌ سماءُ واري وزارت موجب، ان فيصلي کانپوءِ وڌيڪ ڏهه هزار پاڪستاني شهري حج جي سعادت حاصل ڪري سگهندا.
You might also like