لاهور (م ڊ) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو ته ڪجهه سياستدان پاڪستان جي دشمنن سان گڏجي اقتدار حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، اها به دهشتگردي آهي. لاهور ۾ مغلپوره ريلوي ورڪشاپ جو دورو ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي حنيف عباسي چيو ته اسان جو پيپلز پارٽي سان اسان جي گهر جهڙي ڳالهه آهي، ڪئنالن سميت ٻيا مسئلا ويهي حل ڪري وٺنداسين، الله تعاليٰ صدر کي صحت ڏئي. حنيف عباسي چيو ته 70 ارب ڊالر جو واپار رڳو منرلز مان اچي رهيو آهي، گوادر پورٽ ڪنهن جي پيءُ ڏاڏي جو ناهي، 1958 ۾ پاڪستان خريد ڪيو آهي، پاڪ فوج دهشتگردن کي سندن ئي گهر ۾ گهڙي ماريو آهي. هن چيو ته پٺ تي پيل هجڻ جو تاثر ڏنو پيو وڃي جيڪو غلط آهي، جهڙي ريت حڪومت ڪم رهي آهي، ٻن ٽن سالن ۾ اسان منزل تي پهچي وينداسين. جعفر ايڪسپريس واقعي تي جيڪي دانهون ڀارت ڪيون، هڪ سياسي پارٽي جا ماڻهو به ائين ئي ڪري رهيا هئا.