سکر(رپورٽ: شفيع محمد ابڙو) سکر جي احتساب عدالت ۾ پ پ ايم اين اي اعجاز جکراڻي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ پيش ٿيو، سکر جي احتساب عدالت ون ۽ ٿري آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي 14 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، نيب ريفرنس ۾ نامزد اعجاز حسين جکراڻي سميت ٻيا جوابدار پڻ سکر جي احتساب ڪورٽن ۾ پيش ٿيا، عدالت ۾ ٻڌڻي کانپوءِ پ پ اڳواڻ اعجاز جکراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڪئنالن جي معاملي تي سنڌ جي عوام سان گڏ آهي، صدر پاڪستان آصف علي زرداري کي ڪئنال اشو تي تنقيد جو اجايو نشانو بڻايو پيو وڃي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان 4 اپريل تي ورسي جلسي دوران ڪيل تقرير ۾ ڪئنال اشو تي پيپلزپارٽي جي پاليسي کي واضع ڪيو ويو آهي، ماضي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪالاباغ ڊئم خلاف ڌرڻو هنيو هو، پ پ اڳ به عوام جي مفادن واري سياست ڪئي آهي، هاڻي به سنڌ جي عوام جي مفادن واري سياست ڪئي ويندي، سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي جي عوام جي عدالت ۾ ڀرپور مخالفت ٿي آهي، انشاء ﷲ وفاقي حڪومت کي سمجهه ايندي ۽ ڪئنال منصوبو رد ٿي ويندو.