ڪراچي/اسلام آباد (م ڊ) سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف ٺهراءُ قومي اسيمبلي جي ايجنڊا ۾ شامل نه ڪرڻ تي پيپلزپارٽي جي ميمبرن قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪيو. پ پ ترجمان شازيا مري ايڪس تي ٽوئيٽ ڪيو ته پيپلزپارٽي ميمبرن پارليامينٽ ۾ احتجاج ڪيو. شازيا مري لکيو ته ايوان ۾ مسلم ليگ ن جي جواب باوجود پيپلزپارٽي سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف ٺهراءَ جي منظوري جي منظوري جو مطالبو ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ ڪارروائي دوران هنگامو ڪيو. شازيا مري پنجاب جي وزيرن کي ان معاملي تي چڙ ڏياريندڙ ۽ ورهائيندڙ بيان ڏيڻ جو ذميوار قرار ڏنو جڏهن ته پي ٽي آءِ کي اجلاس ۾ خلل وجهڻ تي تنبيهه ڪئي. هن لکيو ته ڪئنالن تي بحث دوران پي ٽي آءِ جو غير ذميواراڻو رويو ڏسي افسوس ٿيو، حقيقت اها آهي ته انهن ٻن ڪئنالن جي منظوري پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ ان وقت جي وزيراعظم عمران نيازي ڏني هئي جنهن جي سنڌ سختي سان مخالفت ڪئي هئي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ ماضي جي غلطي جو ازالو ڪرڻ چاهي ٿي ته ان کي اسان جي ٺهراءَ جي حمايت ڪرڻي پوندي. پ پ ترجمان وڌيڪ چيو ته اسان کي ان منصوبي خلاف متحد ٿيڻو پوندو ڇو ته هي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ پاڻي جي ورڇ 1991 جي پاڻي ورڇ معاهدي موجب ٿيڻ گهرجي. شازيا مري چيو ته پيپلزپارٽي سدائين منصفاڻي آبي ورڇ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ ان معاملي تي پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻنهي اڳواڻن ان منصوبي کي يڪطرفو قرار ڏنو آهي.