پاڪستان تي ڪيترو قرض؟ ڇرڪائيندڙ انگ اکر سامهون اچي

ڪراچي(رپورٽر) ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن دوران ڪُل قرض 74 هزار ارب رپين کان وڌي ويو آهي، ناڻي واري وزارت موجب جولاءِ کان ڊسمبر 2024 تائين مقامي قرض جو ڪاٿو49،883 ارب رپيا هو، ڊسمبر کان جولاءِ تائين ٻاهرين قرض جو ڪاٿو 24,130 ارب رپيا هو، جڏهن ته سال جي پهرين ڇهين حصي ۾ سرڪاري قرض جو ڪاٿو 67,000 ارب رپين کان وڌيڪ رهيو آهي، انگن اکرن موجب، موجوده مالي سال جي پهرين اڌ ۾ پرائمري سرپلس 2.8 ٽريلين رپيا هو، جڏهن ته گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ پرائمري سرپلس 1.5 ٽريلين رپيا هو، جولاءِ کان ڊسمبر تائين وياج جي ادائيگي ۾ 18 سيڪڙو اضافو ٿيو، سال جي پهرين اڌ ۾ وياج جي ادائيگي تي 5.1 ٽريلين رپيا خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ وياج جي ادائيگي تي 4.2 ٽريلين رپيا خرچ ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.