غزا ( م ڊ)اسرائيل جي وحشي بمباري ۾ بچي ويل مجبور ۽ بي وس فلسطينين کي بک مارڻ تي اچي ويو آهي، اسرائيلي ناڻي واري وزير چيو ته جيستائين حماس اسان جي سپاهين ۽ يرغمالين کي آزاد نٿو ڪري، تيستائين اسان غزا جي شهرين تائين کاڌو ۽ امداد پهچائڻ جي اجازت نه ڏينداسين،اسرائيلي ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته يرغمالين کي آزاد ڪرڻ تائين غزا ڏانهن ڪڻڪ جو هڪ داڻو به نه موڪليو ويندو، اسرائيلي ناڻي واري وزير جو هي تڪراري ۽ نفرت انگيز بيان اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن غزا هڪ سخت انساني بحران جو شڪار آهي ۽ لکين فلسطيني بک، اڃ ۽ دوائن جي کوٽ جو شڪار آهن.