اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام ۽ بحالي بابت آئوٽ لُڪ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
اي ڊي بي طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب، 2025ع دوران پاڪستان جي معاشي واڌ جي شرح 2.5 سيڪڙو رهندي، جڏهن ته آءِ ايم ايف پروگرام ۽ مالي سڌارن جي نتيجي ۾ معيشت ۾ استحڪام آيو آهي.
رپورٽ ۾ اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته 2026ع دوران معاشي واڌ جي شرح 3 سيڪڙو تائين پهچي سگھي ٿي، نجي سيڙپڪاري ۾ اضافي سان ترقيءَ جي رفتار وڌڻ جا امڪان آهن.
اي ڊي بي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2025ع ۾ مهانگائي جي سراسري شرح 6 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، عالمي مارڪيٽن ۾ قيمتن جي استحڪام ۽ گهرج ۾ گهٽتائي سان مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو.
رپورٽ موجب، مانيٽري پاليسي ۾ نرمي سان معاشي سرگرمين ۾ واڌارو ٿيو، جڏهن ته ٽيڪس ۽ توانائي شعبي ۾ سڌارن معيشت کي سهارو ڏنو. پائيدار ترقي لاءِ سڌارن جو تسلسل ضروري قرار ڏنو ويو آهي.
رپورٽ ۾ اهو به نشاندهي ڪئي وئي آهي ته پاڪستان ۾ عورتن جي ليبر فورس ۾ گهٽ شموليت ترقيءَ جي رنڊڪ بڻيل آهي، عورتن لاءِ روزگار جا بهتر موقعا پيدا ڪري معيشت کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي ٿو.