3 ملڪن غير يقيني سبب پاڪستان مان هڪ ارب ڊالر ڪڍي ورتا

 اسلام آباد (م ڊ) موجوده غيریقيني صورتحال ۾ 3 ملڪن پاڪستان جي ٽريژري بلس (T-Bills) مان تقريباً 1 ارب ڊالر ڪڍي ورتا آهن۔ ڊان اخبار جي رپورٽ موجب، موجوده مالي سال دوران ٽن ملڪن پاڪستان جي ٽريزري بلس مان تقريباً 1 ارب ڊالر ڪڍيا آهن، ۽ اهو  اهو تقريباً اوتري ئي رقم جي برابر آهي جيتري  سيڙپڪاري آئي هئي. آمدني ۽ روانگي ۾ ان برابري جي صورتحال مان ظاهر ٿئي ٿو ته سيڙپڪار محتاط رويو اختيار ڪري رهيا آهن، جيتوڻيڪ پاڪستان انهن بلن تي نسبتاً وڌيڪ منافعو پيش ڪري رهيو آهي۔ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي انگن اکرن موجب، 1 جولاءِ کان 14 مارچ تائين ٽريزري بلن ۾ مجموعي سيڙپڪاري 1.163 ارب ڊالر رهي، جڏهن ته اني عرصي ۾ رقم ڪڍرائڻ جو عمل 1.121 ارب ڊالر تائين پهچي ويو، جنهن ڪري خالص سيڙپڪاري صرف 42 ملين ڊالر رهي۔ آگاهي مطابق، برطانيه جيڪو روايتي طور تي پاڪستان جي ٽريژري بلن۾ سڀ کان وڏو سيڙپڪار رهيو آهي، پنهنجي 710 ملين ڊالر مان 625 ملين ڊالر ڪڍيا، متحده عرب امارات 205 ملين ڊالر ۽ آمريڪا 130 ملين ڊالر واپس وٺي ويا۔ حڪومت غيرملڪي سيڙپڪاري کي متوجه ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪوششون ڪيون، پر ان ۾ وڏي ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.