اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان واڌو ٽيڪس بابت ڳالهين لاءِ اعليٰ سطحي وفد آمريڪا موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نئين آمريڪي ٽيرف بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير احد خان چيما، محمد اورنگزيب، پرويز ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪارن سيد توقير شاهه، طارق فاطمي ۽ هارون اختر شرڪت ڪئي.
جاري ڪيل پڌرائي موجب، اجلاس ۾ اعليٰ سطحي وفد آمريڪا موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪو آمريڪا سان واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ واڌو ٽيڪس واري معاملي تي ڳالهيون ڪندو.
پڌرائيءَ موجب، وزيراعظم جي هدايت تي وفد ۾ مشهور ڪاروباري شخصيتون ۽ برآمد ڪندڙ (ايڪسپورٽرز) پڻ شامل هوندا.
پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وفد کي نئين ٽيرف بابت ڳالهين کانپوءِ حڪمت عملي طئي ڪرڻ جو ٽاسڪ سونپيو ويو آهي.
ان کانسواءِ وزيراعظم کي نئين ٽيرف تي اسٽيئرنگ ڪميٽي ۽ ورڪنگ گروپ جي رپورٽ پيش ڪئي وئي، جڏهن ته مستقبل بابت تجويز ڪيل حڪمت عملي به آگاهيءَ طور پيش ڪئي وئي.
اجلاس دوران وزيراعظم کي آگاهي ڏني وئي ته آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخانو آمريڪي حڪومت سان لاڳيتو رابطي ۾ آهي.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان جا واپاري لاڳاپا ڏهاڪن تي پکڙيل آهن، حڪومت آمريڪا سان تجارتي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهشمند آهي.
You might also like