نوشهروفيروز(ن ع آ) نوشهروفيروز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جهوني سياستدان غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته جونئير ذولفقار ڀٽو جو ڪئنالن خلاف تاريخي ڪردار آهي، ساڻس جلد سياسي ويهڪ ڪنداسين، ذوالفقار جونئير جتي به وڃي ٿو اتي وڏي انگ ۾ ماڻهو سندس گڏ بيهن ٿا، جونئير ذولفقار سان منهنجي هڪ ملاقات ٿي آهي، پر اتي ڪا سياسي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، هو جلد مون وٽ ۾ ايندو ، ڪئنالن واري مامري تي هن جو تاريخي ڪردار آهي، هن جو موقف سڀني آڏو واضع ۽ چٽو آهي هو سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺو آهي.