ڪئنال مخالفن خلاف خورشيد شاهه ۽ اسحاق ڊار هڪ پيج تي؟

ڪراچي (ارباب چانڊيو) سينيئر سياستدان سيد خورشيد شاهه سنڌ جي ماڻهن کي مئل چئي ٿو، يعنيٰ جيڪي سنڌو درياهه بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، اهي سندس نظر ۾ مئل آهن، يا پيپلزپارٽي جي پاليسين جي مخالفت ڪن ٿا ته اهي مئل آهن؟ خورشيد شاهه اهو به چيو ته جن جي گهر ۾ ڪتي به ناهي، يعنيٰ ڪجهه به ناهي، اهي به ڪئنالن تي اٿي رهيا آهن يعنيٰ هو انهن کي ايترو حقير سمجهي ٿو جيڪو نامناسب آهي، کيس لفظن جيچونڊ ڪرڻ گهرجي ها. ڇا ذوالفقار ڀٽو جونيئر، راشد محمود سومرو، پير صبغت الله شاهه راشدي، اياز لطيف پليجو سڀ مئل آهن؟ جيڪڏهن اهي مئل آهن ته سنڌ کي اهي ئي بچائن ٿا ۽ اوهان کي اهي مئل ماڻهو ئي ووٽ ڏين ٿا. اوهان موئن جي دڙي جي ماڻهن وٽ وڃي اقتدار لاءِ سجدو ڪندا آهيو، موهن جي دڙي ۽ ڳڙهي خدا بخش ۾ ڪا گهڻي وٿي ناهي. مخالفن جي در تي ڪتي به ٻڌل ناهي چوڻ وارا لفظ خورشيد شاهه کي واپس وٺڻ گهرجن. سيد خورشيد شاهه جو تڪ سکر به سڄو سنڌو درياهه سان واڳيل آهي، اها ته جدوجهد ڪندڙن کي ڀڙڪائڻ ۽ چڙ ڏيارڻ جي ڳالهه آهي. سنڌو جي ڳالهه ڪندڙن سان محبت سان ڳالهائڻ گهرجي.  ٻئي پاسي اسحاق ڊار تقرير ۾ چيو ته ٿورو گهڻو تڪرار ٻنهي پاسن کان ٿيندو رهندو آهي ۽ اندرونِ سنڌ ۾ ڪجهه اهڙا عنصر آهن جن جي ايجنڊا مختلف آهي ۽ اهي فائدو کڻي رهيا آهن ۽ اهي ختم ٿيل هوندا آهن ۽ هڪ ايشو کڻي ويهي رهيا آهن ۽ اهو به نٿا ٻڌائين ته ان ۾ مسئلو ڪهڙو آهي ۽ ڪا صلاح نٿا ڏين ٿا ته ڇا ڪرڻ گهرجي يا نه ڪرڻ گهرجي. هنن ٻنهي ڄڻن جو لهجو ۽ انداز ساڳيو آهي، اندر ۾ ٻئي هڪ آهن، ان جو مطلب اهو آهي ته سنڌو درياهه بابت جدوجهد ڪندڙ ماڻهن جي مخالفت ۾ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جا ٻئي اڳواڻ هڪ آهن. سيد خورشيد احمد شاهه ته پنهنجي پارٽي ۾ عتاب جو شڪار آهي، کيس گهڻن ئي معاملن ۾ به شامل ناهي ڪيو ويندو، پر اهو سندس پارٽي جو معاملو آهي، اها ڳالهه مشهور آهي ته خورشيد احمد شاهه کي پيپلزپارٽي ۾ ن ليگ جو سڀ کان وڏو حامي سمجهيو وڃي ٿو. اهو به سندس ذاتي معاملو آهي. وفاق وارن سنڌوءَ تي ان کان اڳ جيڪي ڪئنال ٺاهيا اهي اسان جي مرضي کانسواءِ ٺاهيا ڇا اسان ڪجهه چيو؟ ٿل ڪئنال، سي جي ڪئنال، گريٽر ٿل ڪئنال زبردستي ٺاهيا ۽ اسان کان پڇا کانسواءِ ٺاهيا ويا. سنڌ واسي حق تي آهن ته جيڪو به سنڌوءَ تي جدوجهد دوران کين طعنو هڻندو ماڻهو ان کي ٻيو ڪجهه ڀلي نه چون پر دل ۾ ضرور رکندا، اهو واضح ٿيڻ گهرجي ته اوهان درياهه بچائڻ وارن سان گڏ آهيو يا درياهه تي ڌاڙو هڻڻ وارن سان گڏ آهيو.

نوٽ: هي  تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 09 اپريل 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.