معدني ذخيرا ملڪ کي قرضن مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهن ٿا: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ کربين ڊالرن جا معدني ذخيرا موجود آهن، جيڪي پاڪستان قرضن جي پهاڙ مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهن ٿا.
اسلام آباد ۾ پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم ڪانفرنس ۾ شريڪ سمورن نمائندن جو آڌر ڀاءُ ڪندي چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي تي هاڪاري اڳڀرائي ٿي آهي، هي منصوبو ڊگهي عرصي کان رولڙي جو شڪار هو، پر ريڪوڊڪ منصوبي تي اڳڀرائي اتساهيندڙ آهي.
وزيراعظم چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ڪوئلي جي ذخيرن کي توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو، پاڪستان ۾ خاص طور پنجاب ۽ سنڌ جي زمين زرخيز آهي.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته بلوچستان جي جبلن، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به قيمتي معدني ذخيرا موجود آهن، جن جي ماليت کربين ڊالرآهي، جيڪڏهن اهي ذخيرا ڪڍيا وڃن ته پاڪستان کي قرضن مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته مان آمريڪا، چين ۽ يورپ سميت سڀني ملڪن جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيان ٿو، پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ فائديمند هوندو ته هو هٿان ڪچو مال ٻاهر کڻي وڃن.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ موجود معدني وسيلن تي سيڙپڪاري ڪندڙن جي آجيان ڪئي ويندي، سمورن سيڙپڪارن کي گڏيل رٿائن ۾ به ڀليڪار چونداسين..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.