اسپيڪر جي ڪرسي ڪنهن اداري جي ترجمان ناهي:اچڪزئي

اسلام آباد( بيورو+م ڊ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي سوچڻ گهرجي ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين تان استعيفيٰ ڏئي، اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ گهرجي، چئن مهينن ۾ نيون چونڊون ٿيڻ گهرجن، پارليامينٽ هائوس جي ميڊيا روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان ڏکيائين ۾ آهي ۽ ان جو وڏو سبب آئين تي عمل نه ٿيڻ آهي، جيڪڏهن قومي سلامتي ڪانفرنس گهراڻي هئي ته پارليامينٽ جي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ها، اليڪشن جي ڏينهن ۽ رات ۾ 23 ڪروڙ عوام کي خوفزده ڪيو ويو، جنهن جو سبب پاڪستان هن صورتحال ۾ آهي ۽ اهو سڀني کي معلوم آهي، محمود اچڪزئي چيو ته اسپيڪر جنهن ڪرسي تي ويٺو آهي ان جو تعلق ادارن سان نه پر پارليامينٽ جي دفاع ڪرڻ ۾ آهي، پاڪستان هن وقت بحران جو شڪار آهي، هن چيو ته اسان چريا ناهيون ته فوج يا ايجنسين تي تنقيد ڪريون، ڪو شريف جنرل يا آفيسر چوي ته گذريل چونڊون شفاف ٿيون هيون، اهڙو ڪم نه ڪريو، پاڪستان ٻڏي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.