سنڌ ۾ جن جي سياست ختم هئي اهي ڪئنال مسئلي تي اٿيا آهن:اسحاق ڊار

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته سنڌ جي پاڻي جي هڪ  ڦڙي جو به حق نه ماريو ويندو،خاطري ڪرايان ٿو ته اوهان سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل هونداسين،قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪنديهن چيو ته ڪئنالن جو مسئلو پهرين ايڪنڪ ۾ آيو،گذريل سال اهو منصوبو ايڪنڪ ۾ آيو ته پ پ اعتراض ڪيو،اعتراض کانپوءِ واهن جي منصوبي کي ملتوي ڪيو ويو، ان کانپوءِ ڪيترن ئي اجلاسن ۾ ان رٿا کي ايجنڊا ۾ نه رکيو ويو، هن چيو ته جن جي سياست سنڌ ۾ ختم ٿي وئي هئي اهي اٿي ويا آهن،سنڌ ۾ ڪجهه ماڻهو ان رٿا کي کڻي ويهي رهيا آهن جنهن جو مقصد ڪجهه ٻيو آهي،هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن غلط فهميون ٿي وينديون آهن،مون ٽيلي ميٽرنگ سسٽم لڳايو ته جيئن شفافيت اچي،وزيراعظم سياسي معاملن جي حل لاءِ ذميواري ڏني آهي،هن چيو ته منهنجو وڏي وزير مراد علي شاهه سان ڪالهه به فون تي رابطو ٿيو هو،مون کيس چيو ته ان اشو کي سياسي بڻايو ويو آهي،پنجاب پنهنجي حصي جي پاڻي مان ڀلي رٿا ٺاهي ،سنڌ جي حصي جو پاڻي نه کنيو ويندو،پنجاب جي هڪ وزير ڪجهه نامناسب بيان ڏنو،هن چيو ته جيڪي گرين پاڪستان وارا آهن مون ڪئنالن جي اڏاوت لاءِ انهن جو ڪو به دٻاءُ ناهي ورتو،پ پ جي عبدالقادر پٽيل چيو ته ٻن صوبن ۾ حالتون خراب آهن،سنڌ ۾ ڪئنال رٿا تي احتجاج هلي پيو،اهڙو ڪهڙو ارسطو پيدا ٿيو آهي جنهن ٽئين صوبي ۾ به انتشار پيدا ڪيو آهي؟هن چيو ته انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي ويو،انڌي ٻلهڻ ختم ٿي وئي،توهان وري به ڪئنال ٺاهي رهيا آهيو،توهان وٽ پاڻي ئي ناهي،سنڌ ۾ گهٽي گهٽي ۾ احتجاج پيو ٿئي،توهان اهڙي رٿا آندي آهي جو جنهن کي ڪو چانهه جو به نه پڇندو هو اهو به چار ماڻهو  وٺي پريس ڪلب آڏو بيٺل آهي،هن چيو ته اڄ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ پاڻي مسئلي تي ساٿ نه ڏنو،انهن کي سنڌ ۾ سياست جو موقعو نه ڏيو جن جي سياسي نه ئي سماجي حيثيت آهي،جيڪي وفاق جي خلاف آهن اهي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا آهن،اڄ چوڪن  ۾ سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو جا نعرا پيا لڳن،پ پ جي شازيا مري چيو ته پاڻي جو اشو اهم ۽ حساس آهي،اسان کي خاطريون ڪرايون ويون هيون پر انهن تي ڪو به عمل نه ٿيو ان ڪري اسان توهان جو ڌيان ٻيهر ڇڪرائي رهيا آهيون،اسان کي چيو وڃي ٿو ته توهان پاڻي تي سياست پيا ڪريو،ان اشو تي جنگيون ٿي وينديون آهن،توهان ان وقت کان ڊڄو جو الله نه ڪري ان اشو تي ڪو جنگ جو ماحول پيدا ٿئي،ان اشو تي هڪ صوبائي حڪومت پاران تازن بيانن مان لڳي ٿو ته پاڪستان ۾ باهه لڳائي پئي وڃي،ڊائون اسٽريم ۾ سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي،هن چيو ته مون کي ان ڳالهه تي تڪليف پهچي ٿي جڏهن ڪو چوي ٿو ته ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي ۾ پاڻي ضايع ڪيو وڃي ٿو،اهو پاڻي ضايع نٿو ٿئي بلڪه ڊيلٽا جي ضرورت آهي،اها گهٽ عقلي ۽ جهالت پاڪستان کي نقصان پهچائي رهي آهي،اهو نه سوچجو ته سنڌ يا بلوچستان سڪي ويندو ته ڪو ٻيو علائقو سرسبز ٿي ويندو،ارسا پاڻي معاهدي تي عمل نه ڪيو،ڪوڙا سچا سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا،هن چيو ته مون کي اهو ٻڌايو ته انهن ڇهن ڪئنالن واري ڪاري رٿا لاءِ توهان پاڻي ڪٿان آڻيندو؟ڪنهن کي بکيو ماريندو؟مان پنجاب جي آبپاشي واري وزير جي ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ ڏنل بيان جي مذمت ڪريان ٿي،ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ نه ڏينداسين،هڪ سال کان سي سي آءِ جو اجلاس ڇو نه پيو ٿئي؟صدر ڪنهن به رٿا جي منظوري نٿو ڏئي سگهي،ڪئنالن واري اشو تي وفاقي حڪومت جي خاموشي  اسان کي نقصان ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي،وزيراعظم کي ايوان ۾ اچي اعلان ڪرڻ گهرجي ته ڪئنال رٿا ختم ڪريون ٿا جيستائين اهو نٿو ٿئي اسان جو اهو ئي نعرو هوندو ته سنڌوءَ تي ڪئنال نامنظور، ،وفاقي وزيراطلاعات عطا تارڙ چيو ته اڪايون مضبوط ٿينديون ته وفاق مضبوط ٿيندو،اسان ڪنهن شئي کي بلڊوز ڪرڻ ۾ يقين نٿا رکون،91ع واري ٺاهه تي سمورن صوبن جون صحيحون موجود آهن،سنڌ ڌرتي اوليائن جي ڌرتي آهي،پاڻي رٿا فني اشو آهي،ان کي اتفاق راءِ سان حل ڪنداسين،پ پ جي اعجاز جکراڻي چيو ته وفاقي وزيرن جي جواب تي اسان ۽ سنڌ ۾ سراپا احتجاج عوام مطمئن نه ٿيندو،سنڌو درياهه ۾ پاڻي ئي ناهي،هن وقت به سنڌ ۾ پاڻي کوٽ آهي جڏهن ڪئنال ٺهندا ته پوءِ ته اهو پاڻي به نه ايندو،ڪئنال اشو تي ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان به احتجاج ڪري رهيو آهي،صدر بريفنگ ضرور ورتي هئي پر هو رٿا جي منظوري نٿو ڏئي سگهي،اهڙا معاملا سي سي آءِ ۾ حل ٿيڻ گهرجن،91ع واري ٺاهه جي ڪيترائي ڀيرا ڀڃڪڙي ٿي چڪي آهي،اهو پاڻي معاهدو به سنڌ شروع ۾ قبول نه ڪيو هو،وزيراعظم اسيمبلي فلور تي اچي چوي ته سنڌ جي راضپي کانسواءِ ڪئنال نٿا ٺهي سگهن، ،پ پ جي اسد عالم نيازي چيو ته ڇا آئين ۽ قانون اجازت ڏئي ٿو ته صدر ڪئنالن جي منظوري ڏني آهي؟ مون وٽ منٽس آف ميٽنگ موجود آهن،سنڌ جي عوام کي گمراهه ڪيو پيو وڃي،سکر ڪراچي موٽروي اشو تي ايڪنڪ اجلاس ۾ سعيد غني آواز اٿاريو جنهن تي اسحاق ڊار کيس چيو ته توهان هتي سياست نه ڪريو،ايڪنڪ جي منظور ڪيل رٿائن ۾ سنڌ جون ڪيتريون رٿائون آهن؟ سيالڪوٽ کاريان موٽروي،بهاولپور ۾ موٽروي جي ڪهڙي ضرورت آهي؟پ پ جي راجا پرويز اشرف چيو ته پنجاب،سنڌ،خيبرپختونخوا، بلوچستان،ڪشمير ۽ گلگت بلتستان به اسان جو آهي،جيڪڏهن ڪو ڪم متفق ٿي ڪريون ته مسئلا حل ٿي ويندا،ڪالاباغ ڊيم رٿا سان نفرتون پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،تڪراري رٿائن سان خراب اثر پوندا،هن چيو ته وفاق مان پيغام وڃڻ گهرجي ته سموريون اڪايون برابر آهن،جيستائين تلخيون ۽ نفرتون ختم نه ڪنداسين اڳتي نٿا وڌي سگهون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.