سنڌ ۾ ٻن ڏهاڪن کان هيلٿ پاليسي نه هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي (م ڊ) صوبائي صحت کاتو گذريل 20 سالن کان هيلٿ پاليسي کانسواءِ ڪم ڪري رهيو آهي، صوبي ۾ ڊرگ پاليسي به ناهي ٺاهي وئي، 18هين ترميم کانپوءِ اهي سڀ ذميواريون صحت کاتي تي لاڳو ٿين ٿيون، سنڌ ۾ به ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي هجڻ گهرجي، صحت کاتي طرفان 2005 ۾ آخري هيلٿ پاليسي جاري ڪئي وئي هئي، 20 سال گذرڻ باوجود هيلٿ پاليسي ناهي ٿي سگهي. صوبي جي عوام ۾ ڪووڊ، چڪن گونيا، ڪانگو، مليريا، ڊينگي، ايڇ آءِ وي ايڊز، هيپاٽائٽس ۽ ٽي بي سميت ٻيا وچڙندڙ مرض ۽ موسمي بيماريون پکڙيون. هيلٿ پاليسي نه هجڻ سبب سرڪاري صحت کاتي جي شعبن ۾ رابطن جي کوٽ واضح نظر اچي ٿي. صحتکاتي جي ماتحت سرڪاري اسپتالن ۽ ٻين صحت پروگرامن تي 20 سالن دوران اربين رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن پر ڪنهن مرض تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي. صحت کاتي طرفان وبائي مرضن ۽ موسمي وائرسن تي رڳو هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري خاموشي اختيار ڪئي وڃي ٿي جڏهن ته سهولتون ڏيڻ جي ذميواري حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي. صحت جي ماهر ۽ ڪراچي ۾ اڳوڻي ڊرائيڪٽر صحت، ڊاڪٽر اڪرام سلطان چيو ته هيلٿ پاليسي نه هجڻ سبب کاتو ايڊهاڪ ازم تي هلي رهيو آهي، جنهن مان مراد بيمارين جي خاتمي لاءِ ڪي هدف مقرر ناهن، جيڪي بيماريون آيون انهن کي حل ڪرڻ ۾ لڳي ويا، پر جڏهن پاليسي هوندي آهي ته هڪ منصوبابندي تحت کاتو ماتحت هلندڙ مختلف پروگرامن کي هڪ هدف ڏنو ويندو آهي ۽ کاتي ۾ وقت کان اڳ حڪمت عملي ٺاهي ويندي ته اسان کي ڪهڙين بيمارين کي روڪڻو آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ سال ۾ هدف مقرر ڪيا ويندا آهن، سال جي آخر ۾ جائزو ورتو ويندو آهي ته بيمارين تي ڪيترو ضابطو آيو. صوبي جو عوام وائرسن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، صحتمند معاشري جو قيام هاڻي هڪ خواب بڻجي ويو آهي.عوام ڪنهن نه بيماري، وائرس ۽ وبا کي منهن ڏئي ٿو ۽ علاج لاءِ دربدر ڌڪا کائڻا پون ٿا. هيلٿ پاليسي نه هجڻ سبب بيمارين جي ڊيٽا به ناهي هوندي. صوبي ۾ ڊرگ پاليسي ۽ ڦارماڪوپيا يعنيٰ دوائن جو آئين به ناهي جڏهن ته سڄي دنيا ۾ آهي. ڀٽي جي دور ۾ دوائن جي خريداري جنرڪ نالي سان ٿيندي هئي جيڪا بعد ۾ ختم ڪئي وئي ۽ هاڻي دوائون ٽريڊ جي نالي سان وڪرو ٿين ٿيون. جڏهن ڦارماڪوپيا موجود ناهي ته ٻاهران ايندڙ دوائن جو معيار ڪيئن چيڪ ڪجي؟ صحت جي ماهر ڊاڪٽر گريش ڪمار موجب پاليسي نه هجڻ سبب پروگرامن ۽ اسپتالن جي ڪارڪردگي عوام سامهون ناهي ايندي، اسپتالن ۾ مريضن جي پيهه هجڻ سبب سندن مناسب طبي سار سنڀال ناهي ٿي سگهندي جڏهن ته سنڌ ۾ پرائمري هيلٿ ڪيئر انفرااسٽرڪچر موجود آهي. سنڌ  طب جي شعبي  جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺندي به نظر نٿو اچي. صحت جو شعبو طبي عملي جي کوٽ جو به شڪار آهي ۽ گهرجن پٽاندر سرڪاري سطح تي تربيت جي کوٽ آهي. ڪي طبي تحقيق جا مرڪز به موجود ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.