اسلام آباد(بيورو+م ڊ) آءِ ٽي جي وفاقي وزير شزا فاطمه چيو آهي ته اسٽار لنڪ جون خدمتون هلندڙ سال نومبر کان ڊسمبر ۾ پاڪستان ۾ دستياب هونديون، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير آءِ ٽي شزا فاطمه چيو ته اسٽار لنڪ پاڪستان ۾ نومبر يا ڊسمبر تائين انسٽال ٿي ويندو، چيني ڪمپنين به درخواست ڏني آهي، اسٽار لنڪ کي جلد لائسنس ڏنو ويندو، قومي اسيمبلي جي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين ڪميٽي امين الحق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ چيئرمين پي ٽي اي اسٽار لنڪ لائسنس جي معاملي تي بريفنگ ڏني، چيئرمين پي ٽي اي چيو ته اسپيس بورڊ اسٽار لنڪ کي عارضي لائسنس ڏنو آهي، مڪمل لائسنس سندن ضابطن کي حتمي شڪل ڏيڻ کانپوءِ ڏنو ويندو، اسٽار لنڪ جو لائسنس هن وقت تائين جاري ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهي.
ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي صورتحال بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿي رهي آهي:اياز صادق
اسلام آباد( بيورو+م ڊ)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته حالتون بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿي رهيون آهن، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران پيپلزپارٽي جي آغا رفيع الله چيو ته ملڪ ۾ شاگرد ۽ آن لائين ملازم به سخت پريشان آهن، هن چيو ته جيڪڏهن انٽرنيٽ فراهم نه ڪئي وڃي ته اسپيڪٽرم جي نيلامي جو ڪو به فائدو ناهي، اسان کي بابن وارا جواب نه پرحقيقي جواب گهرجن ، ان تي اسپيڪر اياز صادق چيو ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي صورتحال واقعي خراب آهي، شيون بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿي رهيون آهن، ميمبر روز سوال پڇي رهيا آهن، مسئلي جو مستقل حل ڪڍڻ گهرجي، ان حوالي سان انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير شزا فاطمه چيو ته اسان مختلف ڪوششون ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي استعمال ۾ 25 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. .