آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي 22هين گريڊ ۾ ترقي

ڪراچي (رپورٽر) انسپيڪٽر جنرل پوليس غلام نبي ميمڻ جي گريڊ 22 ۾ ترقي، وزيراعليٰ هائوس ۾ رينڪ پننگ تقريب وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، غلام نبي ميمڻ کي گريڊ 22 ۾ ترقي تي واڌايون ڏنيون. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، گهرو وزير ضياء الحسن لنجار، سيڪريٽري داخلا اقبال ميمڻ، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو، ڊي آءِ جي فدا مستوئي، ڊي آءِ جي آصف اعجاز شيخ ۽ ٻيا تقريب ۾ شريڪ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ کي گريڊ 22 ۾ ترقي تي رينڪ جا بيج پارايا، غلام نبي ميمڻ جي گريڊ 22 ۾ ترقي، محنت ۽ لگن جو نتيجو آهي، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه هي ترقي رڳو اعزاز نه پر اوهان (غلام نبي ميمڻ) جي ذميوارين ۾ واڌ جو اشارو به آهي، وزيراعليٰ سنڌ غلام نبي ميمڻ نرم مزاج آفيسر آهن؛ مونکي اعتراض آهي ته پوليس آفيسر کي ٿورو سخت هجڻ گهرجي، سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار به غلام نبي ميمڻ جي مختلف عهدن تي خدمتن کي ساراهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.