گوتم، تيمور ۽ ماهه لقا

تحرير: ياسر قاضي

اڄ 8 اپريل آهي. هر ڏينهن جيان اڄوڪو ڏينهن به گھڻين ئي شخصيتن جي حوالي سان اهم هوندو، پر هن خطي جي رهاڪن جي حوالي سان ٽي اهڙيون شخصيتون آهن، جن جي حوالي سان هن ڏينهن جي اهميت خاشي بڻجي ٿي. جنهن منجھان پهرين شخصيت مهاتما گوتم ٻُڌ آهي، جيڪو پنهنجي ڏاهپ سبب دنيا جي گھڻن خطن جيان هن علائقي جي ماڻهن لاءِ به روشنيءَ جو حوالو آهي. دستياب تاريخ موجب سندس جنم 8 اپريل 563 قبلِ مسيح (يعني عيسوي ڪئلينڊر شروع ٿيڻ کان 563 سال اڳ) ٿيو. ان حساب سان اڄ سندس 2588 هون جنم ڏينهن آهي. ٻيو آهي تيموري سلطنت جو پايو وجھندڙ تومنه خان جي نسل جو چنگيز خان جو پري جو مائٽُ ۽ دنيا تي پنهنجي ظلم سان لکين ماڻهن جو بي گناهه رت وهائي قبضو ڪندڙ منگول حڪمران شجاع الدين امير تيمور (جيڪو ’تيمور لنگ‘ جي نالي سان مشهور ٿيو) اهو پڻ سال 1336ع ۾ (ڪن تاريخن موجب 1320ع واري ڏهاڪي جي ڪنهن سال ۾) اڄوڪي تاريخ تي هاڻوڪي ازبڪستان جي شهر ’سبز‘ ۾ پيدا ٿيو. ان حساب سان اڄ سندس 689 هون جنم ڏينهن آهي. جڏهن ته ٽين آهي اردوءَ جي پهرين صاحبِ ديوان شاعره ماهه لقا ٻائي ”چندا“، جيڪا 8 اپريل 1764ع تي حيدرآباد دکن ۾ پيدا ٿي. ان حساب سان اڄ ان جي 261هين سالگرهه آهي.

گوتم ٻڌ، جنهنجو نالو ’سڌارٿ‘ هو، قديم هندوستان جو جڳ مشهور فلسفي ۽ روحاني استاد هو، جنهن هڪ روحاني واٽ ۽ فلسفي طور ٻڌمت جو بنياد رکيو، جيڪو کائنس پوءِ مذهب جي شڪل اختيار ڪري ويو. هو هاڻوڪي نيپال جي شهر ”لمبيني“ ۾ 563 ق.م. ڌاري پيدا ٿيو. هو ’شڪيا‘ بادشاهت جو هڪ شهزادو هو. ’سڌوڌن‘ سندس پيءُ ۽ ’مايا‘ سندس ماءُ هئي. جڏهن ته ’نند‘ ۽ ’نندا‘ سندس ڀيڻ ڀاءُ هئا. هن ’يشوڌرا‘ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ ’راهول‘ ڄائو. 29 سالن جي عمر ۾، هن پنهنجي شاهي زندگي تياڳي، روشن خياليءَ جي ڳولا ۾ مراقبا ۽ تپسيائون ڪيون، جنهن کانپوءِ هن ٻوڌي وڻ هيٺ روشن خياليءَ جو نرواڻ حاصل ڪيو. هن ٻڌمت رستي پنهنجي شاگردن ۽ پوئلڳن کي چار عظيم سچائيون ۽ اٺ وڪڙو رستو سيکاري، رحم، ڌيان ۽ دنيا ترڪ ڪرڻ تي زور ڏنو. هن 45 سال تعليم حاصل ڪرڻ، ان کي ورهائڻ توڙي سير سفر ۾ گذاريا. سندس تعليمات سڄي ايشيا ۾ پکڙجي ويون. هندومت، بهائي ڌرم ۽ ٻين ڪجھه مذهبن توڙي ڪن ڌرمن جي مختلف فرقن جا پوئلڳَ، ٻُڌ کي پيغمبر به مڃين ٿا. ڪن مسلمان عالمن جي خيال موجب قرآن پاڪ ۾ ’ذوالڪفل‘ نالي جنهن نبيءَ جو ذڪر آهي، اهو گوتم ٻُڌ ٿي سگھي ٿو.

سڌارٿ جي تعليمات موجب دنيا جا 4 عظيم سچ آهن: (1) ڏک جي سچائي (2) ڏک جي اصليت جي سچائي (سمودي) (3) ڏک ڏُور ٿيڻ جي سچائي (نروده) (4) ڏک جي پورائي جي واٽ جي سچائي. جڏهن ته سندس ڏسيل اَٺَ (8) وَڪڙي واٽ جا موڙ آهن: (1) صحيح سمجَھه (2) صاف نيّت (3) مثبت گفتگو (4) هاڪارو عمل (5) صحيح معيشت (6) درست ڏسا ۾ ڪوشش (7) مناسب لحاظ ۽ (8) صحيح ڌيان.

ٻڌمت جي مذهب جي صورت اختيار ٿيڻ کانپوءِ سنڌ به ٻوڌين جو مسڪن رهيو، جنهنڪري اسان وٽ ٻڌمَت جي رهاڪن جا ڪئين آثار (آرڪيالاجيڪل سائيٽس) موجود آهن. جن منجھان مُک ته مهين جو دڙو آهي، جنهن جو ٽيون ۽ سڀني کان مٿيون تهه ٻوڌين جي آبادڪاريءَ جو دليل آهي، جنهنجي سڀ کان واضح نشاني ان جو اسٽوپا آهي، جيڪو ٻوڌي ڀِڪشُن جي عبادت جي خاص نشاني هوندو آهي. مهين جو اهو اسٽوپا ته هاڻي مهين جي دڙي جي خاص نشاني آهي. ان کانسواءِ برهمڻ آباد، سرهه جي ٽڪري، ڪاهوءَ جو دڙو ۽ ضلعي نوابشاهه ۾ واقع ٺُل مير رڪڻ اسٽوپا جهڙا ماڳ سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جي ماضيءَ ۾ موجودگيءَ جي شاندار ورثي کي ظاهر ڪن ٿا. کيرٿر جابلو قطار ۾ پڻ گورک هل جي ماڳ سميت ٻوڌين پاران پٿر تي اُڪريل آرٽ جا نمونا ۽ ٻيون شڪليون (Rock Art)، اسٽوپا، وهار ۽ ڌرم چڪر وغيره دريافت ڪيا ويا آهن، جيڪي هن خطي ۾ ٻوڌين جي جھجِھي موجودگيءَ کي ظاهر ڪن ٿا. جڏهن ته گڏيل طور سنڌو ماٿر تهذيب جو ذڪر ڪجي ته تڪشالا (ٽيڪسلا)، سوات وادي توڙي گنڌارا تهذيب، ٻڌمت جا ماضيءَ ۾ ڳڙهه رهندڙ مقام آهن. يوسف شاهين صاحب بقول اسين سنڌو ماٿر واسي، گوتم ٻڌ جا استاد آهيون، ڇاڪاڻ ته اسانجي وڏڙن مان ’برهاسپتي‘ نالي مفڪر جو ڏنل ”چارواڪا“ جو فلسفو (جيڪو ڪميونيزم ۽ سوشلزم جو پڻ بنياد بڻيو) ئي ٻڌمت جو بنياد آهي ۽ پڪ سان گوتم ان مان ئي اتساهه وٺي پنهنجن انهن چئن سچن ۽ اٺ وڪڙِي واٽ جو فلسفو ڏنو ۽ آرين جي متعارف ڪرايل ٽن وڏن ۽ 33 وچولن خدائن سميت، ڪل 3 ڪروڙ 33 لک خدائن کي ننديو. ان حساب سان سنڌ جو عالم برهاسپتي، گوتم جو استاد ٿيو. گوتم 80 ورهن جي ڄمار ۾ 483 ق.م. ۾ (ڪن تاريخن موجب 400 ق.م. ۾) ڪش نگر/ ڪوشي نگر، هندوستان ۾ وفات ڪئي. جيڪو هاڻي اتر پرديس ۾ آهي.

علي بيگ جو شاگرد، برلاس نالي منگول قبيلي جو امير، شجاع الدّين تيمور (جيڪو کٻي پير ۾ معذوري هئڻ سبب، پنهنجن مخالفن پاران ’تيمور لنگ‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. جنهنجو ساڄو هٿ به اڳتي هلي جنگي زخمن سبب شَل ٿي ويو هو) سڪندر ۽ چنگيز کانپوءِ دنيا جو ٽيون وڏو ظالم حڪمران هو، جنهن اقتداري لوڀ ۾ دهليءَ کان ازمير تائين، ماسڪو کان دمشق، خراسان ۽ شيراز تائين، ڪاشغر کان خوارزم ۽ شام تائين، مصر کان سمرقند تائين ۽ ڪلات کان تڪريت جي پهاڙي قلعن تائين قبضا ڪري حڪومتون ماڻيون. ڪن مورخن موجب هن چنگيز کان وڌيڪ علائقن تي ڪاهه ڪئي. اسان جهڙين مفتوح قومن جا درٻاري مزاج رکندڙ اٻوجھه مورخ اهڙن قاتل، سفاڪ ۽ دنيا تي حڪومتون ڪرڻ جي لوڀ رکندڙ لالچي ۽ قاتل حڪمرانن جو بيان به وڏي هاڪاري انداز ۾ کين بهادر، جري، جنگجو ۽ شجاعت جو مثال ڄاڻائيندي ڪندا آهن، سو هن خطي جا گھڻا تاريخدان به تيمور کي ”تاريخِ عالم جي عظيم جنگجو حڪمران ۽ بهادر فاتح“ طور ڳائن ٿا ۽ 10 سالن ۾ سندس قرآن حفظ ڪرڻ جهڙن ڳڻن جي منادي ڪندي، سندس ڪاهن کي ”اسلام جي ڦهلاءَ خاطر ڪافرن مٿان ڏمر“ طور لکن ٿا، جڏهن ته حقيقت ۾ هي به سڪندر يونانيءَ جيان انسانذات جو قاتل ۽ اقتداري نشي ۾ الوٽ حملي آور هو، جنهن پنهنجي اختيار جو دائرو وڌائڻ جي لوڀ ۾ پنهنجي ذاتي شهرت ۽ ناموريءَ لاءِ اڻ ڳڻ انسانن کي موت جو گرهه کارايو. دهلي، اصفهان، بغداد ۽ دمشق ۾ هن هزارين بيگناهه ماڻهو ماري ڇڏيا. هو بدلي جي باهه ۾ شهرن جا شهر تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندو هو. هن انقره جي جنگ ۾ عثمانيه سلطنت تي حملو ڪندي ’سيورس‘ جو دفاع ڪندڙ 4 هزار سپاهين کي جيئري درگور ڪري ڇڏيو هو. 1783ع ۾ منظر عام تي آيل تيمور جي آتم ڪٿا (جيڪا فرانسيسي مصنف، ’مارسيل بريون‘ مرتب ڪئي آهي) ۾ لکيل آهي ته هن کي مولانا روم جي شاعري پڙهي ساڻس شديد نفرت ٿي وئي ۽ هو جڏهن قونيه پهتو ته پنهنجن ساٿين جي شهه تي روميءَ جي قبر کي تباهه ڪرڻ ۽ ان مان سندس هڏيون ڪڍي ساڙڻ لاءِ اُلريو. پر پوءِ هو لکي ٿو ته: ”مون چيو، تيمور! هڪ مُردي سان ويڙهه چڱي ڳالهه ناهي! ۽ مان مولانا جي قبر ڊاهي پاڻ کي رسوا ڪونه ڪندس.“

هي ظالم ڦورُو مارِي ــ تيمور، پيريءَ ۾ سمرقند کان چين تي چڙهائيءَ جي ارادي سان ويندي، رستي ۾، سياري ۾ ڄميل سير درياءُ پار ڪندي بيمار ٿي اترار پهتو، ۽ پوءِ موجوده قازقستان جي علائقي ’فاراب‘ ۾ لڳ ڀڳ 69 ورهن جي ڄمار ۾ (ڪن تاريخن موجب 80 ورهن جي عمر ۾) 18 فيبروري 1405ع تي مَري ويو ۽ کيس سمرقند ۾ دفنايو ويو.

پنهنجي فطرت ۾ نهايت انسان دوست، ماه لقا ٻائي 18هين صديءَ واري هندوستان ۾ حيدرآباد دکن ۾ رهندڙ هڪ درٻاري طوائف هئي. سندس ماءُ ’راج ڪنور‘ به درٻاري نرتڪي هئي ۽ سندس پيءُ ’بهادر خان‘ مغل بادشاهه محمّد شاهه جي درٻار ۾ منصبدار (فوجي آفيسر) هو. ماه لقا ٻين ۽ ٽين نظام آف حيدرآباد جي درٻار جي مُک سرڪاري طوائف هئي، جنهن کي ٻين طوائفن کان اعليٰ مقام حاصل هو ۽ رياست جا سربراهه کائنس رياست جي اهم ترين معاملن ۾ صلاح مصلحت به ڪندا هئا. هوءَ شاعريءَ ۽ رقص سان گڏ سنگيت جي به وڏي ماهر هئي. هن ’تان سين‘ جي پوٽي خوشحال خان کان ڪلاسيڪي سنگيت سکيو ۽ کيس ”ٺمري“ ڳائڻ ۾ خاص مهارت حاصل هئي. هوءَ رڳو نازڪ نفيس راڳي، نرتڪي ۽ شاعره ئي نه هئي، پر هن 14 سالن جي عمر ۾ نيزي بازيءَ، خيمن لڳائڻ ۽ تير اندازيءَ ۾ مهارت حاصل ڪئي هئي، جنهن لاءِ هن کي هڪ ماهر جنگجوءَ طور پڻ سڃاتو ويندو هو. هن نظام آف حيدرآباد (ٻين) پاران وڙهيل ٽن جنگين (ڪولر جي جنگ – 1781ع، نرمل جي جنگ – 1782ع ۽ پنگل جي جنگ – 1789ع) ۾ پڻ حصو ورتو. هوءَ انهن جنگين ۾ گھڻو ڪري مردن جو جنگي لباس پهري غير معمولي نيزي بازيءَ جي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي هئي. هن نظام (ٻين) سان گڏ ڪيترن ئي شڪار جي مهمن ۾ پڻ ساٿ نڀايو.

 ماه لقا شاعريءَ ۾ ”چندا“ تخلص استعمال ڪندي هئي. 1824 ۾ کيس اردوءَ جي پهرين عورت صاحبِ ديوان شاعره بڻجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. سندس غزلن جو هڪ مجموعو ”گلزارِ ماه لقا“ جي نالي سان سندس لاڏاڻي کانپوءِ شايع ٿيو. هن اهڙي دؤر ۾ سخن طرازي ڪئي، جڏهن اردوءَ جو دکني لهجو، پنهنجي انتهائي فارسي آميزش سان اردوءَ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي رهيو هو. سندس شاعري ڏکڻ هندوستان ۾ اردوءَ جي اهڙين لساني تبديلين جو بهترين مثال آهي. سندس ڪلام جو نمونو (ٻن شعرن جو ترجمو) ڏسو:

ماريءَ جي خوف ۽ ايندڙ پن ڇڻ جي ڊپ ۾،

بُربليءَ جِي حياتي هڪ ڌاڳي ۾ لڙڪيل آهي

اي آسماني شراب جا ساقي! ”چندا“ جا چَپَ ڪيئن سڪل ٿي سگهن ٿا

هن تنهنجي پيار جو پيالو پاڻي ڪري پي ڇڏيو آهي ماه لقا ٻائي ”چندا“ گھڻو جي نه سگھي ۽ رڳو 55، 56 سالن جي ڄمار ۾ آگسٽ 1824ع ۾ حيدرآباد دکن ۾ ئي لاڏاڻو ڪري وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.