دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ عدالت جو نه پارليامينٽ جو ڪم آهي: آئيني بئنچ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ عام شهرين جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل واري ڪيس ۾ جسٽس جمال مندو خيل رمارڪس ڏيندي چيو ته دهشتگردي ڪنٽرول ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، عدالت جو نه.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل واري فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث پنهنجا دليل پيش ڪيا.
ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندو خيل چيوتوهان جي مطابق فوجي عدالتون آرٽيڪل 175 جي دائري ۾ نه ٿيون اچن، ته پوءِ اِهو ٻڌايو ته فوجي عدالتون آئين جي ڪهڙي شق تحت قائم آهن؟
بچاءَ وزارت جي وڪيل خواجا حارث چيو ته ڪورٽ مارشل بابت ڪيترائي عدالتي فيصلا موجود آهن ۽ عدالتن کي رڳو اهو ڏسڻو هوندو آهي ته ٽرائل آئين موجب آهي يا نه.
جسٽس جمال مندو خيل هڪ موقعي تي رمارڪس ڏنا ته دهشتگردي ڪنٽرول ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، عدالت جو نه، عدالت اِهو سوچڻ ويهي ته فيصلي سان دهشتگردي گهٽبي يا وڌندي ته فيصلو نه ڪري سگهندي.
ان کانپوءِ آئيني بئنچ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف اپيلن تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.