ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران مختلف ملڪن تي لاڳو ڪيل تازي ٽيرف (اضافي ٽيڪس) جا اثر ٻين ايشيائي ۽ نار ملڪن جي اسٽاڪ مارڪيٽن جيان پاڪستان تي به ظاهر ٿيڻ لڳا آهن.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن شروعات کان ئي شديد ٻاڙائي رهي ۽ هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس ۾ 6250 کان وڌيڪ پوائنٽن جي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي.
هنڊريڊ انڊيڪس 6287 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 112504 پوائنٽن تي ٽريڊ ڪندو رهيو، جنهن کانپوءِ ڪاروبار عارضي طور روڪيو ويو.
ان کانپوءِ ٽريڊنگ ۾ ٿوري بهتري آئي ۽ ڪاروبار ٻيهر بحال ڪيو ويو، پر ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 3882 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 114909 پوائنٽن تي بند ٿيو.
واضح رهي ته آمريڪا پاران لاڳو ڪيل اضافي ٽيڪس سبب رڳو ٻن ڏينهن دوران آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪارن جا سٺ کرب ڊالر ٻڏي ويا هئا، جڏهن ته اڄ ايشيائي مارڪيٽن ۾ به شديد ٻاڙائي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو.
Prev Post
سيڪيورٽي فورسز جو ڊي آءِ خان ۾ آپريشن، انتهائي گهربل خارجي ڪمانڊر سميت 9 دهشتگرد ماريا ويا
Next Post
You might also like