راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز ڊيرا غازي خان جي علائقي ٽڪوارا ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي انتهائي گهربل دهشتگرد ڪمانڊر سميت نوَ خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن 6 ۽ 7 اپريل جي وچ واري رات ڪيو ويو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ نوَ دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو.
ترجمان موجب، مارجي ويل دهشتگردن ۾ ڪمانڊر شيرين پڻ شامل آهي، جيڪو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هو ۽ ڪيترن بيگناهه شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ سميت ڪيپٽن حسنين اختر جي شهادت جو به ذميوار هو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن.
ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڊي آءِ خان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته انتهائي گهربل دهشتگردن جو مارجڻ قومي سلامتي لاءِ وڏي ڪاميابي آهي.
سيڪيورٽي فورسز جو ڊي آءِ خان ۾ آپريشن، انتهائي گهربل خارجي ڪمانڊر سميت 9 دهشتگرد ماريا ويا
Prev Post
You might also like