پي آءِ اي جي فرانس ويندڙ اڏام دوران مسافر جو فضائي ميزبانن تي حملو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن جي پيرس ويندڙ اڏام دوران هڪ مسافر مبينا طور فضائي ميزبانن (ايئر هوسٽس) تي حملو ڪري ڏنو.
پي آءِ اي ترجمان موجب گذريل ڏينهن پي آءِ اي جي اسلام آباد کان پيرس ويندڙ اڏام پي ڪي 749 جي هڪ مسافر قانون خلاف سگريٽ ڇڪڻ جي ڪوشش ڪئي، عورت فضائي عملي طرفان روڪڻ باوجود مسافر نه مڙيو ۽ بدتميزي ڪئي.
عملي ۽ ڪپتان جي اصرار ڪرڻ تي مسافر هڪ عورت فضائي ميزبان جي ٻانهن پڪڙي مروڙي ۽ مُڪ هنئي، جنهن ۾ هوءَ زخمي ٿي پئي.
ترجمان موجب مسافر فلائيٽ سٽيورڊ ۽ ڪپتان تي به حملو ڪيو پر اهي مسافر کان سگريٽ کسڻ ۾ ڪامياب رهيا.
ڪپتان ضابطي موجب فرانسيسي اختيارين کي اڏام دوران ئي واقعي کان آگاهه ڪيو، جهاز جي پيرس آمد تي مسافر کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته فضائي ميزبانن جا بيان رڪارڊ ڪري ۽ انهن جو ميڊيڪل ڪرائي پوليس رپورٽ داخل ڪري ورتي آهي، فرانسيسي قانون ان معاملي ۾ سخت آهن ۽ اميد ته مسافر سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي.
ترجمان موجب ڄاڻايل مسافر کي پي آءِ اي تي بليڪ لسٽ ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ هو ٻيهر قومي ايئر لائن تي سفر نه ڪري سگهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.