ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيٽر بئريسٽر ضمير گھمرو چيو آهي ته 1992ع جي ارسا ايڪٽ تحت پاڻيءَ جي ورڇ بابت جيڪي فيصلا ٿيا هئا، انهن جي بنياد تي ارسا پاران جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ مڪمل طور تي غير قانوني آهي.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بئريسٽر ضمير گهمرو چيو ته آبادگار قربان ميتلو پاران عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي هئي، جنهن کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ نون ڪئنالن جي اڏاوت تي عارضي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
سينيٽر ضمير گھمرو چيو ته ارسا جي سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي معاملو ايڪنيڪ ۾ ويو، پر اتي به اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت معاملو ڪائونسل آف ڪامن انٽيريسٽ (سي سي آءِ) ۾ اٿاريو آهي.
هن سوال ڪيو ته جڏهن اسڪيم جي منظوري ئي نه ملي آهي ته پوءِ اڏاوتي ڪم ڪيئن هلي رهيو آهي؟ هن ان عمل کي غير قانوني ۽ غير آئيني قرار ڏيندي چيو ته ڪئنالن جي اڏاوت خلاف ڳالهيون بي بنياد آهن، قانون جي ڀڃڪڙي آهن، جنهن خلاف عوام احتجاج ڪري رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ لوئر ريپيرئين آهي، ان کي رڳو هڪ ووٽ تائين محدود رکيو ويو آهي، جڏهن ته وفاقي ميمبرن کي مڪمل اختيار ڏنا ويا آهن، جيڪو عمل صوبي سان ناانصافي جي برابر آهي.
بئريسٽر ضمير گھمرو چيو ته ماضي ۾ سنڌ جو پاڻيءَ تي 66 سيڪڙو حصو تسليم ڪيو ويو هو، پر هاڻي ارسا ذريعي اهڙا فيصلا مڙهيا پيا وڃن، جيڪي سنڌ جي حقن جي سخت ڀڃڪڙي آهن.
هن دعويٰ ڪئي ته ارسا ۾ فيڊرل ميمبر جي مقرري به غير آئيني طريقي سان ٿي آهي، جيڪو سنڌ جي نمائندگي نه ٿو ڪري، ان ڪري ارسا جي جوڙجڪ کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو آهي.
هن سوال اُٿاريندي چيو ته ” هڪ غير قانوني اداري پاران پاڻيءَ بابت فيصلا ڪيئن قابل قبول ٿي سگهن ٿا؟“
ضمير گھمرو واضح ڪيو ته سمنڊ جو پاڻي دريائي زمين ڳڙڪائي رهيو آهي، جيڪو پاڻي جي کوٽ جو نتيجو آهي. جيڪڏهن اهڙيون پاليسيون جاري رهيون ته سنڌ جي حياتي خطري ۾ پئجي ويندي.
هن چيو ته ارسا ۾ ترميم ڪئنالن جي تعمير ۽ پاڻيءَ جي ورڇ بابت پاليسين خلاف سياسي ۽ قانوني طور تي هر فورم تي آواز اٿاريو ويندو.
پريس ڪانفرنس دوران صدر پاڪستان بابت افواهن تي به ڳالهائيندي هن چيو ته صدر کي ڪئنالن جي منظوري بابت غير قانوني طور ملوث ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته آئين موجب صدر وٽ اهڙو ڪو اختيار ناهي. هن چيو ته ” مخالف ڌريون عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ اهڙيون بي بنياد ڳالهيون پکيڙي رهيون آهن.“
بئريسٽر ضمير گھمرو وڌيڪ چيو ته اسين حڪومت جو حصو ناهيون، پر جيڪڏهن حڪومت ڪو اهڙو فيصلو ڪري ٿي جيڪو سنڌ جي حقن جي تحفظ لاءِ هجي ته اسان قانوني دائري ۾ ان جي حمايت ڪنداسين. پر جيڪڏهن حڪومت غير آئيني قدم کڻندي ته اسان ڪڏهن به خاموش نه رهنداسين.
Prev Post
You might also like