پاڪستان مان 700 افغانين جي نيڪالي تي گوڙ، ايران 4 هزار ڪڍي ڇڏيا

اسلام آباد/ڪابل(ع آ نيوز)افغان ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان هڪ هفتي دوران تقريباً 700 افغان مهاجرن کي ڊي پورٽ ڪيو آهي.  جنهن تي مختلف تنظيمن ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته ايران 4 هزار پناهه گير ڪڍي ڇڏيا آهن.افغانستان جي آمو ٽيليويزن موجب، 7 ڏينهن دوران 650 افغان پناهه گيرن کي ڪڍيو ويو آهي. جڏهن ته طلوع نيوز هن تعداد کي 700 ڄاڻايو آهي. افغان ناقدين جو چوڻ آهي ته هي آپريشن بين الاقوامي اصولن جي خلاف ورزي آهي ۽ واپس وڃڻ وارن ماڻهن کي خطرا درپيش ٿي سگهن ٿا. انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن عبدالرزاق جو چوڻ آهي ته پاڪستان کان افغان پناهه گيرن جي جبري نيڪالي بين الاقوامي قانونن جي خلاف آهي. ان کان علاوه، ايران جي ذريعن مطابق، ايراني اختيارين سال جي پهرين 15 ڏينهن۾ صوبي ڪرمان مان 4,000 افغان باشندن کي نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي. ڪرمان جي چيف پراسيڪيوٽر مهدي بخشي جو چوڻ آهي ته انهن ماڻهن کي "غير مجاز غيرملڪي شهري” جي طور تي درجه بندي ڪيو ويو آهي مهيني جي پهرين اڌ ۾ صوبه ۾ ڦر واردارن ۾  36 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.

غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين جي واپسي جو سلسلو جاري

اسلام آباد( بيورو+م ڊ)طورخم ذريعي سڄي ملڪ ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي واپس موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي ، ملڪ جي مختلف شهرن ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين کي واپس موڪليو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ فيصل آباد ۾ وڌيڪ 50 افغانين کي پناهه گاهن ۽ 142 افغانين کي طورخم موڪليو ويو آهي،  ان دوران بهاولپور مان عورتن ۽ ٻارن سميت 47 افغان شهرين کي حراست ۾ وٺي ڪيمپ منتقل ڪري طورخم ذريعي ڏيهه نيڪالي لاءِ موڪليو ويو،  ان کان علاوه بلوچستان صوبي مان 11 ماڻهن تيمشتمل هڪ افغان خاندان جي افغانستان واپسي جا به انتظام ڪيا ويا.

سنڌ مان 307 افغاني ملڪ بدر

ڪراچي(رپورٽر)1 اپريل کان 6 اپريل 2025 جي دوران، سنڌ حڪومت پاران غيرقانوني افغان پناهگيرن خلاف ڪارروائي ڪندي مجموعي طور تي 307 ماڻهن کي امين هائوس ٽرانزٽ ڪيمپ مان ملڪ بدر ڪيو ويو آهي.شروعاتي طور تي 313 ماڻهن جي فهرست تيار ڪئي وئي، جاچ ۽ تصديق کان پوءِ 307 ماڻهن کي قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد واپس افغانستان موڪليو ويو.سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ بدر ڪيل ماڻهن ۾ 79 ٻار، 37 عورتون ۽ 191 مرد شامل آهن. هن چيو ته افغان شهرين کي ان ڪري ڊيپورٽ ڪيو پيو وڃي جو اهي غير قانوني طور تي ملڪ ۾ ترسيل هئا.هن واضح ڪيو ته غير قانوني پناهگيرن کي ڊيپورٽ ڪرڻ جي مهم جاري رهندي ۽ ان حوالي سان عالمي قانونن ۽ ضابطن تي عمل ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته سڄي دنيا ۾ غير قانوني پناهگيرن بابت  قانون موجود آهن ۽ انهن جي پيروي ڪئي پئي وڃي ۽ پاڪستان به انهن ئي عالمي اصولن جي بنياد تي غير قانوني پناهگيرن کي سندن وطن واپس موڪلي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.