ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن لاءِ ڪراچي ڪنگز پنهنجي نئين ڪٽ متعارف ڪرائي ڇڏي.
نيري ۽ ڳاڙهن رنگن تي ٻڌل ڪٽ کي دي پيس ڪلب ڊيزائن ڪيو آهي، جيڪو فيشن ۽ اسپورٽس ويئر ڊيزائن ۾ هڪ منفرد سڃاڻپ رکي ٿو.
واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ 10 جي شروعات 11 اپريل کان ٿيندي ۽ ڪراچي ڪنگز پنهنجي پهرين ميچ ۾ 12 اپريل تي هوم گرائونڊ نيشنل اسٽيڊيم ۾ ملتان سلطانز خلاف کيڏندي.
You might also like