ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا رمشا خان ساٿي اداڪار احد رضا مير سان دوستي جو اعتراف ڪندي کيس پنهنجو بهترين دوست قرار ڏئي ڇڏيو.
رمشا ۽ احد کي گذريل ڪجهه عرصي کان تقريبن ۾ گڏ ڏٺو ويو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ۾ لاڳاپن جون خبرون به پکڙيون.
ٻنهي جي جوڙي کي رومانوي ڪاميڊي ڊرامي ”هم تم“ ۾ به پسند ڪيو ويو هو ۽ ان ئي ڊرامي تي کين آن اسڪرين بهترين جوڙي جو هم ايوارڊ به مليو هو.
ٻنهي کي لنڊن سميت ٻين شهرن ۾ گڏ به ڏٺو ويو، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن دعويٰ ڪئي ته انهن ۾ لاڳاپا قائم ٿي چڪا آهن.
لاڳاپن ۽ دوستي جي خبرن تي ٻنهي ڪڏهن کليل نموني نه ڳالهايو پر هاڻ رمشا هڪ انٽرويو ۾ احد رضا سان دوستي جو اعتراف ڪندي کيس پنهنجو بهترين دوست قرار ڏنو آهي.
رمشا خان چيو اهو چوڻ غلط آهي ته اداڪارا ڪنهن ساٿي اداڪار جي سٺي دوست نٿي ٿي سگهي، شوبز انڊسٽري ۾ منهنجا ٻه بهترين دوست آهن ۽ جڏهن به ضرورت پوندي آهي ته انهن سان رابطو ڪندي آهيان.
هن چيو ته منهنجي بهترين دوستن ۾ احد رضا مير ۽ يمنيٰ زيدي شامل آهن.
Next Post
You might also like