ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪڪڙ جي جو گوشت جو اگهه وري 800 رپين تائين پهچي ويو.
شهر ۾ ڪڪڙ جي گوشت جو سرڪاري اگهه 650 رپيا في ڪلو مقرر آهي پر مختلف علائقن ۾ اهو 800 رپين کان وڌيڪ ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
شهرين وڌيڪ اگهه تي گوشت کپائيندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي اختيارين تي زور ڏنو آهي ته ان مسئلي کي حل ڪيو وڃي.