اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته آرمي چيف جي قيادت ۾ پاڪ فوج ملڪ جي دفاع سان گڏ معاشي استحڪام ۾ به اهم ڪردار نڀائي رهي آهي.
لاهور ۾ پنهنجي تڪ اين اي 127 ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته عوام اسان جي طاقت آهي، عوامي حمايت سان ئي ڏکيا فيصلا ڪري ڪاميابي ملي، وزيراعظم ڏکئي وقت ۾ سياست نه رياست جو نعرو هنيو.
هن چيو ته وزيراعظم بجلي سستي ڪرڻ جو واعدو پورو ڪري ڏيکاريو، عالمي سطح تي پاڪستان جي معاشي ميدان ۾ ڪارڪردگي جو اعتراف ٿي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته آرمي چيف جي قيادت ۾ پاڪ فوج جو قومي سلامتي سان گڏ معاشي استحڪام ۾ به اهم ڪردار آهي، هن ملڪ کي عظيم بڻائڻ لاءِ گڏجي اڳتي وڌندا رهنداسين.
پاڪ فوج جو ملڪ جي دفاع سان گڏ معاشي استحڪام ۾ به اهم ڪردار آهي: عطاءُ الله تارڙ
You might also like