سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته عوام کي ايندڙ بجيٽ ۾ وڌيڪ خوشخبريون ملنديون.
سيالڪوٽ ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته ملڪ جي حالت کنڊر جهڙي هئي، شهباز شريف ڪڏهن آءِ ايم ايف، ڪڏهن چين ته ڪڏهن سعودي عرب ويندو رهيو، سڀني پارٽين گڏجي وڏي محنت سان اميد جو ڪرڻو ڏيکاريو.
هن چيو ڪنهن سوچيو به نه هو ته بجلي سستي ٿي ويندي، پي ٽي آءِ وارن هاڻ هڪٻئي کي چور چوڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، انهن جو ليڊر به سند يافته چور آهي، ٻاهرئين ملڪ پي ٽي آءِ جا ڪجهه ماڻهو ملڪ دشمني ڪري رهيا آهن.
سندس موجب اهي چوندا هئا ته سمنڊ پار پاڪستاني رقم نه موڪلين پر پاڪستانين وڌيڪ رقم موڪلي، بجيٽ ۾ عوام کي وڌيڪ خوشخبريون ملنديون.
ڪنهن سوچيو به نه هو ته بجلي سستي ٿيندي، بجيٽ ۾ وڌيڪ خوشخبريون ملنديون: خواجا آصف
You might also like