گولاڙچي (رپورٽ: عيدن زيدپور) تڪراري ڪئنالن، سنڌو تي ڌاڙي ۽ سنڌ ھاري ڪاميٽي گولاڙچي جي اڳواڻ شعيب باجوا تي گولاڙچي پوليس پاران ڪيس ڪرڻ خلاف سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، جنهن ۾ سوين شهرين شرڪت ڪري ڪئنال نامنظور جا نعرا هنيا، ان موقعي تي سنڌ ھاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي چيو ته حڪمران ڪرسي بچائڻ لاءِ سنڌ جو سودو ڪري رهيا آهن، بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هڻي سنڌ جون زمينون ۽ درياءَ وفاق حوالي ڪرڻ گھري ٿو، سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو روڊن تي آھن پر پيپلزپارٽي اڃان تائين وفاق سان گڏ آھي، پيپلزپارٽيءَ جا اڳواڻ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آھن، پيپلزپارٽي جڏهن حڪومت ۾ ھوندي آھي ته وفاق جا راڳ ڳائيندي آهي ۽ جڏھن حڪومت کان ٻاھر ھوندي آھي ته قومپرست بڻجي سنڌ جي ماڻھن وٽ پاڻ کي مظلوم ظاھر ڪندي سنڌ ڪارڊ کيڏندي آھي، ھاڻي وقت اچي ويو آهي ته پيپلزپارٽي پنھنجو موقف واضع ڪري، هن چيو ته مخالف طاقت جو غلط استعمال ڪري اسان جي ڪارڪنن کي هيسائي رھيا آھن طاقت جو استعمال ڪرڻ وارا وقت جي احتساب کان ڊڄن، هن چيو ته پيپلز پارٽي ڊراما ڪرڻ بند ڪري جيڪڏھن ڪينالن خلاف آھي ته بلوچستان اسيمبلي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان ڪينالن خلاف قرار داد پاس ڪرائي ۽ وفاقي حڪومت کان ڌار ٿي وڃي ۽ شهباز سرڪار تي زور ڀري ڪينالن کي ھميشه رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري، احتجاجي ريلي کي سنڌ ھاري ڪميٽي جي اڳواڻن، ايڊووڪيٽ عبدالحميد باجوا، اسحاق سنڌي ، جبار باغي، ڪامريڊ عرفان شاھ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو،