حيدرآباد(رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر وسند ٿري چيو آھي ته پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿيڻ لاءِ سنڌو درياھه جي پاڻي جو سودو ڪرڻ لاءِ به تيار آھي, پاڪستان کپي ۽ سنڌ ۾ درياھه کي بچائڻ واري ڳالهھ وڏو مڪر آھي. وفاقي حڪومت پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٽيڪ تي بيٺل آھي ھو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ وارن منصوبن کي رد ڪرائڻ بجاءِ سنڌ جي عوام کي گمراھه پيا ڪن.. ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سڄي سنڌ ۾ ريليون ۽ جلسا ڪيا ويندا ۽ پارٽي جي قائد رسول بخش پليجي جي ستين ورسي جي موقعي تي ملڪ گير جلسو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. وسند ٿري چيو ته پاڪستان حقيقي معنيٰ ۾ آزاد ٿيو ئي ناهي، انگريز سامراج شروع کان وٺي پنجاب جي وطن فروش ٽولي وسيلي پاڪستان تي قابض آهي، پنجاب جا حڪمران گذريل 172 سالن کان وٺي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن، هر سال نت نوان ڌاڙيل واهه ۽ ڪئنال ڪڍي سنڌ جو پاڻي روڪي ست ڪروڙ سنڌين جي نسل ڪشي ڪري رهيا آهن، پيپلز پارٽي صدارتي سيٽ عيوض سنڌو درياءُ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، پيپلزپارٽي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ايس آءِ ايف سي جي پٺڀرائي ڪري سنڌ جي زمينن، وسيلن ۽ درياءُ جي سوديبازي ڪئي آهي، پيپلز پارٽي وري به پاورليس وزيرعظم جي ڪرسي جي لالچ ۾ ڪهڙي به قسم جي سنڌ مخالف فيصلي ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جنهن جو تازو مثال ڪلهه واري جلسي ۾ ڪيل ڳالهه ٻولهه آهي. هن چيو ته ست ڪروڙ سنڌي پنهنجي ڌرتي ۽ درياءُ جو وڪرو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا، جيڪڏهن ڪو به ماڻهو، ڪا به ڌر، ڪو به ٽولو هن پرامن جمهوري جدوجهد کي پرتشدد ۽ تڪراري بڻائڻ جي سازش ڪري ته ان ڌر، ان ٽولي، گروهه سان سنڌين جو ڪو به واسطو نه هوندو. سنڌي قوم جنرل ضياءَ، ايوب ۽ مشرف جي مارشل لائن کي پرامن جمهوري جدوجهد وسيلي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي به پرامن جمهوري جدوجهد جاري رکي ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي دفن ڪندو .هن چيو ته بلاول شهباز اتحادي سرڪار اسٽيبلشمينٽ جي حڪمن تحت سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين سميت سموري ملڪ جي 48 لک ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪري مقامي بي زمين هارين کي بيدخل ڪري زمينون ادارن جي ٺاهيل گرين پاڪستان انيشيٽو ڪمپنين معرفت غير ملڪي سرمائيڪارن کي ڏئي رهي آهي. پي ٽي آءِ جي صدر عارف علوي به هن قبضاگيري ۾ بلاول شهباز اتحادي سرڪار جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته پيپلزپارٽي مڪر ڪري رهي آهي، ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جو معاملو جدا نه آهي، جيڪو رڳو ڪئنالن واري معاملي تي ڳالهائي ٿو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ واري معاملي تي نٿو ڳالهائي، يا ڪارپوريٽ فارمنگ تي ڳالهائي ٿو ۽ ڪئنالن جي معاملي تي نٿو ڳالهائي اهو مڪر ڪري ٿو. اسٽيبلشمينٽ ڪئنالن کي اسٽريٽجڪ ڪئنال ئي انهن لاءِ نالو ڏنو ته جيئن اهي سنڌي عوام کي تباهه ۽ برباد ڪري سگهن ۽ انهن سان گڏ ٻين مظلوم قومن جي قومي ملڪيت ڦٻائي سگهن. اهي سمجهن ٿا ته سنڌي بلوچ، سرائيڪي سڀ ڄڻ انهن جا فتح ڪيل هجن. سي سي آءِ سميت سمورن وفاقي ادارن ۾ پنجابي حڪمرانن جي هڪ هٺي قائم آهي، تنهن ڪري سنڌ پنجاب پاڻي تڪرار جي نبيري لاءِ بين الاقوامي ساک رکندڙ ادارن تي ٻڌل ڪميشن جوڙي وڃي، انٽر پريس سروس (آءِ پي ايس) جي ھڪ رپورٽ مطابق سنڌ تي انگريزن جي حملي کان اڳ 150 ايم اي ايف پاڻي ڪوٽڙي کان ھيٺ سمنڊ ڏانھن ڇوڙ ڪيو ويندو ھو جيڪو ھاڻي 1991ع جي ٺاھه تحت 10 ملين ايڪڙ فٽ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو پر عملي طور ٻوڏن کانسواءِ پاڻيءَ جو ڦڙو به ڇوڙ نٿو ڪيو وڃي هن وقت سي سي آئي جي اٺن مان پنج ميمبر حڪومتي جماعت مسلم ليگ نواز جا آهن. چار ميمبر پنجاب جا آهن. سي سي آءِ مان سنڌ دوستي جي ڪا به اميد نٿي رکي سگهجي. هن اعلان ڪيو ته 21 جون 2025ع تي عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي ستين ورسي جي مناسبت سان ڪارپوريٽ فارمن ۽ ڪئنالن خلاف ملڪگير جلسو ڪيو ويندو جنهن ۾ سموري ملڪ جي قيادت کي دعوتون ڏبيون، سمورين قومن جي نمائندگي هوندي. ان کان سواءِ 12 اپريل سجاول، 13 اپريل مٺي، 13 اپريل ٽنڊو باگو، 19 اپريل جاتي چوڪ، 6 اپريل قمبر، 6 اپريل ٻگهاڻ، 16 اپريل جوهي، 3 مئي لاڙڪاڻي ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو ۽ 17 اپريل تي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ هارين جي جدوجهد جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو. پريس ڪانفرنس ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ماروي سنڌو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.