ڪراچي (پ ر) سنڌ اسيمبلي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46هين يوم شھادت جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ مدبر ۽ دور انديش عالمي اڳواڻ هو، جنھن پنهنجي غير معمولي سياسي بصيرت سان ملڪ کي استحڪام ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو.
پنهنجي بيان ۾ سيد اويس قادر شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جون مسلم امت ۽ پاڪستان لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون، سندس اڻٿڪ محنت، جمهوريت لاءِ جدوجهد ۽ عوامي حقن لاءِ قرباني تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ لکي ويندي.
هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي فھم ۽ فراست سان پاڪستان کي پيش ايندڙ سخت بحرانن مان ڪڍيو ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت سڃاڻپ کي اجاڳر ڪيو، هن ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري متفقه آئين ڏنو، جيڪو اڄ به پاڪستان جي بقا ۽ ترقي جي ضمانت آهي.
سيد اويس قادر شاهه چيو ته سخت عالمي سامراجي دٻاءَ باوجود قائد عوام ايٽمي پروگرام شروع ڪيو، جنهن جي بدولت اڄ پاڪستان اسلامي دنيا جي پهرين ايٽمي طاقت آهي، هن جي ان تاريخي ڪاميابي ملڪ جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻائي ڇڏيو.
هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي والد جي نقشِ قدم تي هلندي ملڪ جي خدمت ڪئي ۽ جمهوريت لاءِ شهادت جو عظيم منصب حاصل ڪيو، بي بي جي شهادت کان پوءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين صدر آصف علي زرداري ملڪ ۽ پارٽي کي بهترين انداز ۾ سنڀاليو ۽ جمهوري استحڪام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.
سنڌ اسيمبلي اسپيڪر چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اڄ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن تي قائم آهي ۽ عوامي خدمت جي ساڳي عزم سان اڳتي وڌي رهي آهي، سندس نعرو ”اٽو، لٽو ۽ اجهو“ اڄ به پارٽي جو بنيادي نصب العين آهي.
سنڌ اسيمبلي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46هين يوم شھادت تي پيغام
You might also like