سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ واسي سراپا احتجاج،” نو مور ڪئنالز آن انڊس “ جا نعرا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ ڇهه ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ واسي سراپا احتجاج آهن، مختلف شهرن ۾ اڄ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.
ڄامشورو ۾ سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف انڊس هاءِ وي تي احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن فلاءِ اوور کان ريلي ڪڍي سنڌ يونيورسٽي آڏو ڌرڻو هنيو.
اڳواڻن نعريبازي ڪندي ڪئنال رٿائون ترت ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
ان کانسواءِ ڪئنالن خلاف شهدادڪوٽ، نوشهرو فيروز ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
مظاهرين منصوبو ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي وفاقي حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي.
سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف موري ۾ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسي ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جي ڊگهيون قطارون لڳي ويون.
احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ڏُڪار واري صورتحال آهي ۽ پاڻي نه هئڻ سبب هزارين ايڪڙ زمين بنجر ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ڪئنال ٺهيا ته سڄي سنڌ رڻ پٽ ٿي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.