زبردستي شادي ڪرائڻ تي ڇوڪريءَ پنهنجي محبوب سان گڏجي مڱيندي کي قتل ڪرائي ڇڏيو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ گذريل مهيني نوجوان جي قتل ڪيس جو ڊراپ سين ٿي ويو، قاتل سندس مڱيندي نڪتي.
پوليس موجب مقتول ابرار جي 6 اپريل تي شادي رٿيل هئي پر سندس مڱيندي راضي نه هئي ۽ هن پنهنجي محبوب جي مدد سان نوجوان کي قتل ڪرائي ڇڏيو.
پوليس ٻڌايو ته قتل ۾ ملوث عورت ۽ سندس محبوب ٻنهي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، مقتول جو لاش 27 مارچ تي حيات آباد مان هٿ آيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.