ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي واضح لفظن ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي عوام سان گڏ بيٺي آهي شهباز شريف سان نه، ن ليگ ۾ ڪجهه اٻوجهه ماڻهو آهن جيڪي آئين پڙهڻ بنا بيان ڏئي ڇڏيندا آهن.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته چار اپريل تي قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ڳڙهي خدابخش ۾ ملهائي وئي.
شهيد ڀٽو جي ورسي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تاريخي خطاب ڪيو، موجوده ملڪي مسئلن تي روشني وڌي، سنڌ جي سڀ کان وڏي مسئلي ڪئنالن تي واضح پاليسي بيان ڏنو.
هن چيو ته بلاول ڀٽو واضح لفظن ۾ چيو ته ڪئنال منظور ناهن، بلاول ڀٽو چيو ته اسان شهباز شريف سان گڏ نه عوام سان گڏ بيٺا آهيون، ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ٺهڻ نه ڏينداسين، هينئر تائين پنجاب حڪومت واضح ناهي ڪري سگهي تي پاڻي ڪٿان ايندو.
سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ٺهڻ نه ڏيندي، پرڏيهي هٿ پاڪستان کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اسان ڪنهن به صورت ۾ ملڪ کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏينداسين.
هن چيو ته بلاول ڀٽو واضح ڪيو ته جيڪي ماڻهو وڳوڙ چاهين ٿا کين ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، بينظير ڀٽو ڪالا باغ ڊيم واري مسئلي تي ڌرڻو هنيو هو.
شرجيل ميمڻ چيو ته اين ايف سي ايوارڊ آصف علي زرداري ڏنو، آصف علي زرداري ملڪ جي هر ڪنڊ جي آواز کي ٻڌو هو ۽ ڪالا باغ ڊيم واري مسئلي تي فيصلو ڏنو هو، اين ايف سي ايوارڊ کانپوءِ صوبائي خودمختياريءَ تي پڻ آصف علي زرداري جي دور ۾ ڪم ٿيو، خيبرپختونخوا جو نالو به آصف علي زرداري ئي رکيو هو.
بلاول ” ڪئنال نا منظور“ جو نعرو هنيو، پ پ شهباز سان نه عوام سان گڏ بيٺي آهي: شرجيل ميمڻ
You might also like